لاهور (بيورو) اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر سوال ڪيو آهي ته ڇا اسان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو ڪردار وساري ڇڏيو آهي؟لاهور ۾ ٿنڪ فيسٽ جي ٽئين ڏينهن 27 هين ترميم تي بحث دوران عرفان قادر مطالبو ڪيو ته سڀني ججن ۽ سياستدانن جو احتساب ڪيو وڃي. هن چيو ته هو چوندو رهيو آهي ته آزاد عدليا کي انهن حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪي اڄ موجود آهن، وفاقي وزير، وزيراعظم ۽ ججن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اڳوڻي اٽارني جنرل چيو ته ڇا اسان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو ڪردار وساري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ کي ججن جي مقرري تي متفقه طور تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ عدالت جي توهين جو ڪو به قانون ناهي، جج پاڻ ڪيس ٺاهي فيصلا ڪري رهيا آهن.