گوادر(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلن جو حل صوبي جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ، ايران سان سرحدي واپار تي پابندي ختم ڪرڻ، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ آهي، ۽ اهو آپريشن نه ته صوبي جا مسئلا ختم ڪندو ۽ نه ئي امن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي تحت بنو قابل جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بنو قابل جي تحت مفت آئي ٽي ڪورسز ۾ داخلا لاءِ هزارين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين امتحان ڏنو. جماعت اسلامي بلوچستان جي امير مولانا هدايت الرحمان بلوچ به تقريب کي خطاب ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلوچستان ۾ اسڪول وڃڻ جي قابل پنجاهه سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.بيروزگاري هوندي، جيڪڏهن بلوچ عوام کي انهن جا حق نه ملندا ته پوءِ ماڻهن جو رياست سان ناراض ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. بندوقن سان مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، ماڻهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. جماعت اسلامي جي امير چيو ته سرحد تي واپار تي پابندي جي ڪري گوادر جا ماڻهو بيشمار مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن 40 لک نوجوان بيروزگار آهن،معاشي بدحالي ٿيندي، ماڻهن جا پيارا کسي ويندا، پوءِ ماڻهن کان قانون جي پاسداري جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ آئين تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان اهم ذميواري رياست هلائڻ واري طبقي تي آهي.