ڪراچي ۾ قومپرست اڳواڻ خالق جوڻيجو گرفتار ۽ آزاد

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: آزاد نوناري) جيئي سنڌ محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي 123ھين سالگرهه جو جلسو ڪٽپر چوڪ سچل ڳوٺڪراچي ۾ رٿيل ھو، جلسو شروع ٿيڻ کان پھريان ئي سنڌ پوليس پنڊال ڊاھي ۽ جلسي گاھ کي گهيري ۾ آڻي جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي ۽ مجيد سنڌيءَ کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جسم سربراهه خالق جوڻيجو جي گرفتاري خلاف سنڌ جي سياسي پارٽين، وڪيل اڳواڻن، انساني حقن جي تنطيمن ۽ مزدور تنظيمن طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي نتيجي ۾ عبدالخالق جوڻيجي ۽ مجيد سنڌيءَ کي آزاد ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ پارٽي آفيس تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو پروگرام ٿيو ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، پروگرام کي صدارتي خطاب ڪندي جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو ته جيڪي حڪمران بندوق تي ڀاڙيندا آھن انھن کي عقل واري ڳالھ سمجھ ۾ ناھي ايندي، ھن رياست جا سول توڙي فوجي حڪمران، ۽ مذھبي ڌريون جيڪي ھڪ ٻئي جا ڪٽر مخالف ھوندا آھن پر جي ايم سيد کي قيد ڪرڻ ۽ ان جي نظرئي کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ھڪ ٻئي جا ساٿاري رھيا آھن پر حڪمرانن ۽ انهن جي ايجنٽن جي سمورين سازشين ۽ مڪارين جي باوجود جي ايم سيد جو فڪر ۽ نظريو سنڌ جي شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجي رھيو آھي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن مرڪزي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته ڪراچي ۾ سائين جي سالگرهه ملهائڻ ھڪ سمبل آھي پر ھي رياست جي ايم سيد جي نظرئي کان ايترو خوف زده آهي جو اھا جيئي سنڌ محاذ کي پنهنجي رھبر جي سالگره پنھنجي شھر ۾ ملھائڻ نه ٿي ڏئي، جڏهن ته جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا سينئر وڪيل ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو جي بلاجواز گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي ان کي بدترين آمريت ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي پريس ترجمان شبير جمالي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ملھائڻ جي ڏوھ ۾جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجووڪيل جي گهر تي پوليس چڙھائيچادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس پامال ڪندي ھٿيارن جي زور تي عبدالخالق جوڻيجو .مجيد جوڻو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، سندن گرفتاريءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ترت آزاديءَ جي گھر ڪريون ٿاسيد جو جنم ڏينهن ملهائڻ ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.