ڳيريلي ڀرسان زمين جي لنگهه تان فائرنگ، فريادي ڌر جو نوجوان قتل

ڳيريلو (ن ع آ) ڳيريلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ زرعي زمين جي لنگھه واري پراڻي تڪرار تان جوابدار ڌر جي مبينا فائرنگ فريادي ڌر جو نوجوان قتل ٿي ويو، پوليس جي نااهلي سبب هڪ هفتي اندر هڪ ئي ڌر جا 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، گذريل ڏينهن ڳيريلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ زرعي زمين جي لنگھه جي پراڻي تڪرار تان جوابدار ڌر جي مبينا فائرنگ ۾ 26 ورهين جو نديم علي پٽ حسين بخش بليدي قتل  ٿي ويو، رابطو ڪرڻ تي مقتول جي لطف علي بڙدي جي پٽ الهورايو بڙدي ۽ ٻين وارثن ميڊيا آڏو دانهيو آهي ته اسان ماڻهو جوابدار ڌر اڳ ماري چڪي آهي جنهن جا قاتل اڃان تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي وري اڄ اسان جو ڪونڌر ماري خون ڪيو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو نديم علي بڙدي معمول موجب صبح جو زرعي زمين تي مال جو گاھ ڪرڻ ويو ته اتي تاڙ ۾ اڳ ئي ويٺل جوابدار ڌر جي ماڻهن جي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، پوليس کي اسان بروقت اطلاع ڏنو هو  ته جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏيو پر پوليس جوابدار ڌر جي ونگار پئي وهي ۽ ڌر بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.