حيدرآباد(عوامي آواز رپورٽ)ايم ڪيو ايم جي سينئر اڳواڻ حيدر عباس رضوي چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪا تباهي پيپلز پارٽي پکيڙي آهي، اها عوام جي سامهون آڻينداسين.حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ بچايو مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون موجود نه آهن، هن چيو ته اين ايف سي مان ملندڙ فنڊ ڪٿي خرچ ٿيا؟ ڪنهن کي خبر ناهي، ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي راڄڌاني دبئي ۾ آهي جتي سڄو پئسو خرچ ٿيو آهي.حيدر عباس رضوي چيو ته 27 هين ترميم ۾ ايم ڪيو ايم جا تقريبن سڀ مطالبا منظور ٿي ويا هئا، پر پيپلز پارٽي واردات ڪئي، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته سنڌ ۾ مضبوط بلدياتي حڪومت قائم ٿئي.