ڪراچي(رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جاويد ناگوري چيو آهي ته هن شهر ۾ بلديه فيڪٽري، ٽمبر مارڪيٽ سميت ڪيترائي وڏا سانحا پيش اچي چڪا آهن۔ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ناگوري چيو ته سنڌ حڪومت هميشه فوري رسپانس ڏنو آهي، گل پلازا ۾ به 17 منٽن اندر رسپانس ڏنو ويو۔ وزيراعليٰ پڻ اهو ئي چيو آهي ته سانحي گل پلازا جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي۔هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي، اهي ئي ماڻهو آهن جن وٽ اڳ ۾ هن شهر جي ذميواري هئي۔جاويد ناگوري چيو ته جيڪي به غلطيون جن کان ٿيون آهن، انهن کي سزا ملندي۔ منهنجي خيال ۾ اتي جي يونين کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي۔ فائر بريگيڊ جون وڌيڪ اسٽيشون ٺاهڻ گهرجن، ڇو ته شهر جي آبادي جي حساب سان اهي تمام گهٽ آهن۔