ارڙهين ترميم خلاف ڳالهيون ڪندڙ ڇا پاڪستان ٽوڙڻ چاهين ٿا؟ \نويد قمر

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)پ پ ايم اين اي نويد قمر چيو آهي ته هڪ وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم ڍونگ آهي، ٻئي وفاقي وزير ڪراچي ۾ ويهي چيو ته ڪراچي کي وفاق جي هيٺ آڻيو وڃي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق جي پاليسي واضح ناهي، خواجا آصف جي ڳالهين جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا مقصد صوبن جا اختيار گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي؟اسان پراڻي زماني واري مضبوط مرڪز ۽ون يونٽ وارين ڪهاڻين ڏانهن هليا وڃون؟هن چيو ته ان پاليسي ڪري ئي پاڪستان ٻه اڌ ٿيو هو،ڇا ٻيهر هن پاڪستان سان به ايئن ڪرڻ چاهين ٿا،انهن جي ايجنڊا ڪهڙي آهي؟ٻين کي ته چئو ٿا ته اهي پاڪستان ٽوڙڻ چاهين ٿا پر ن ليگ وارن جي ڳالهين سان پاڪستان ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو، باهه سان کيڏڻ واريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،هن چيو ته وفاق کي ڪو به اهڙو اختيار ناهي جو ڪراچي کي سڌو سنئون وٺي سگهي، ۽ اهڙي ڪوشش تي مزاحمت ضرور ٿيندي.نويد قمر وڌيڪ چيو ته اصل مسئلو اهو ناهي ته وفاق يا صوبا ڪير ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پر مالي ۽ دفاعي چئلينجن جو آهي، ڇاڪاڻ ته مرڪز وٽ مالي اسپيس گهٽ ٿي رهيو آهي،ايترا قرض ورتا آهن جو هر سال مٿي جو سور وڌي رهيو آهي،اسان چئون ٿا ته اهو مسئلو آهي ته ويهي ڳالهايو،هيل تائين ڪفايت شعاري جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي اها ته ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڳالهه هئي،پي ايس ڊي پي کي جيڪڏهن گهٽائڻو آهي ته ان ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ کڻي اچو،هن چيو ته صوبن جو شيئر گهٽ ڪري ايم ڪيو ايم جون شهري حڪومتون ته مضبوط نه ٿينديون،اهي ته ويتر ڪمزور ٿينديون،ارڙهين ترميم جي خاتمي سان ايم ڪيو ايم کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، هن چيو ته ايڊونچرازم ڇو شروع ٿي ويو آهي،ملڪ ۾ بيروزگاري،مهانگائي ختم ٿي وئي آهي ڇا؟هي هڪ ٻي عدم استحڪام واري ايجنڊا آندي وئي آهي،ان بنياد تي اتحاد ٽٽي ويو ۽ حڪومت ختم  ٿي وئي ته پوءِ ڇاٿيندو؟هن چيو ته گل پلازا وڏو سانحو آهي،هڪ سال نه ڪيترن ئي سالن جي ڪوتاهي آهي،ان واقعي سان اسان کي ويڪ اپ ڪال ملي آهي،ان حوالي سان پنجاب ۽ سنڌ ۾ تياريون شروع ٿي ويون آهن،جيڪا سياست ۽ گارگند ڪرڻي هئي اها ٿي وئي،هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي،اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، نويد قمر ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم ۽ آرمي چيف  عاصم منير سان ملاقات ۾ ملڪ جي صورتحال تي پڻ بحث ڪيو ويو، ۽ ان دوران ڪجهه تصويرون به جاري ڪيون ويون.هن چيو ته اهڙيون ملاقاتون جڏهن هڪ ئي عمارت ۾ ٿينديون آهن، ته صرف ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي، پر ڪو به وڏو سياسي فيصلو اهڙي جاءِ تي نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.