ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته ڪراچي ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ حڪمران ڌر هميشه شهرين جي ملڪيتن ۽ عمارتن کي باهيون ڏنيون آهن جيڪڏهن گل پلازه واقعي جي هاءِ ڪورٽ جي سنيئر جج جي سربراهي ۾ شفاف جاچ ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته سنڌ ۾ هڙتالون ڪري شاھراهن تي ڌرڻا ھڻنداسين گل پلازه واري واقعي جي جاءِ جو معائنو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته بلديا ۾ جيڪا فيڪٽري ۾ سوين زنده انسانن کي باھ ڏئي ساڙيو هيو اهو به حڪمرانن ساڙيو هيو وڪيلن کي چيمبر ۾ باهيون به حڪمران ڌر ڏنيون،گل پلازا ۾ باهه به هڪ سازش تحت واقعو ڪيو ويو آهي اهو قابل مذمت آهي 8 ڏينهن گذري ويا آهن ماڻهو پنهنجي پيارن جي ڳولها لاءِ اچن ٿا انهن کي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا موٽائي ڇڏين ٿا ڪوتسلي ڄڻ وارو ڪونهي هن چيو ته سنڌ حڪومت هن واقعي کي سياسي چئي سياست جي نظر ڪري ڇڏيو آهي وزير اعليٰ ۽ ميئر فوري طور استعيفا ڏين اها انهن جي ذميواري آهي ته سنڌ جي شهرين جي زندگين ۽ مال ملڪيتن جو تحفظ ڪن،ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ اياز سولنگي ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي راهول چولياڻي ۽ ٻيا گڏ هيا