انور پيرزادو بنيادي طور تي ھڪ انقلابي انسان ھيو. عام طور تي چيو ويندو آھي ته ھڪ ماڻھو ڇا ٿو ڪري سگھي پر حقيقت اھا آھي ته ھڪ ماڻھو گھڻو ڪجهه ڪري ٿو سگھي. انور پيرزادي جي زندگي ان ڳالهه جو مثال آھي ته ھڪ ماڻھو ڪيترو ڪجهه ڪري سگھي ٿو. شايد ھڪ ماڻھو ئي سڀ ڪجهه ڪندو آھي. انور پيرزادو به اھڙو ئي ھڪ ٽرينڊ سيٽر انسان ھيو، ڄڻ دنيا کي بدلائڻ آيو ھجي. زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي سو سيکارڻ آيو ھجي. کيس ياد ڪرڻ جو مقصد به اھوئي آھي جيئن ھن جي زندگيءَ منجھان سبق سکي سگھجي.
انور پيرزادي جي زندگي ڏاڍي ڊرامائي رھي، ايتري جو جيڪر ان تي ڪا فلم ٺاھي وڃي. سائين محمد علي پٺاڻ وري ڪچھري دوران چيو ته جيڪر ڊراما سيريل ٺاھي وڃي جيئن غالب جي زندگيءَ تي ٺھي چڪي آھي. وڏن ماڻھن جون خاصيتون ئي الڳ ٿينديون آھن. سندن مزاج ۽ سوچ ئي جدا ھوندي آھي. عام انسان فقط پنھنجي گھر کي پنھنجو سمجھندو آھي پر عظيم ماڻھن لاءِ سڄي دنيا سندن گھر ھوندي آھي ۽ سڀ ماڻھو گھر ڀاتين وانگر ٿيندا آھن. سڀني جو ڀلو چاھيندا آھن. تتل ڌرتيءَ تي گھاٽي وڻ جيان ٿيندا آھن. سڀني جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندا آھن. ھو ڪنھن تي به ظلم سھي نه سگھندا آھن جو اھو ظلم ٻين تي نه پر پاڻ تي ٿيل ڀائيندا آھن. خوابن ۽ آدرشن سان ڀريل ذھن ھوندو اٿن. انور پيرزادي پنھنجي شاعريءَ جي ھڪ سٽ اندر ڄڻ ته پنھنجي زندگي بيان ڪئي آھي ته
جوانيءَ ۾ جوکم کڻڻ،
حياتيءَ جو رومانس آھي
يا جيئن ٻيو ننڍو نظم لکيو اٿس ته
دل گھري ٿي،
ته باھ سان کيڏان،
آئون ڪو ٻار ته ناھيان،
جو چدن سان کيڏان..!
حقيقت به اھا آھي ته ھو سڄي عمر باھين سان کيڏيو. ضيا جھڙي سخت آمر جي دور ۾ بندش پيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اھم اڳواڻ طور سياسي جدوجھد ڪيائين. ان سڄي جدوجھد جي ھڪ اھم ڳالهه اھا به آھي ته ھو ايڏو ته ذھين، سمجھدار ۽ ھوشيار ھيو جو اھي سڀ ڪم ڪندي پڪڙيو به تمام گھٽ ويو. سياست لاءِ ذھانت ڏاڍي اھم ھوندي آھي. اڪثر ماڻھو جوشيلا ڏسڻ ۾ ايندا آھن پر سياست ۾ جوش کان وڌيڪ ھوش ضروري ھوندو آھي. ڇو ته ماڻھو جيئرو ۽ آزاد ھوندو تڏھن ئي جدوجھد ڪري سگھندو. دشمن تمام مضبوط آھي تنھنڪري دانشمنديء سان ئي کيس شڪست ڏئي سگھجي ٿي.
ڪنھن به سماج جا بنيادي ۽ اھم ترين شعبا سياست، سماجيات، ثقافت، ٻولي، ميڊيا، تاريخ، آرڪيالاجي، تعليم ۽ ادب ھوندا آھن. غور ڪري ڏسو ته انور پيرزادي سماج جي انھن سڀني شعبن ۾ اھم ۽ اثرائتو ڪم ڪيو آھي جيڪي خاصيتون انور پيرزادي کي سنڌ جي عظيم انقلابي شخصيت ثابت ڪن ٿيون.
انور پيرزادو پنھنجي ھر روپ ۾ ٽرينڊ سيٽر شخصيت رھيو. ادب ۾ جديد نثري نظم جو ٽرينڊ سيٽر شاعر آھي. صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايائين. ھن واضح ڪيو ته صحافت فقط ماڻھن جي خبرن جو نالو ناھي پر سڄي ماحول جي رپورٽنگ آھي. سنڌ جو ڪيس انگريزي زبان وسيلي سڄي دنيا آڏو پيش ڪري حقن لاءِ آواز اٿاريو. ڀٽائيءَ کي روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر ڪري پيش ڪيائين. پنھنجي ڳوٺ ۾ ”ڳوٺ سڌار سنگت“ قائم ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت ايترا سڌارا آندائين جو ٻلھڙيجي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشھور ٿيو. بنا ڪنھن ڊگري ھجڻ جي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي دريافت توڙي ڊاڪيومينٽ ڪري محفوظ ڪيائين. پيءُ جي روپ ۾ به انقلابي انسان ھيو. اھڙو دور جتي ٻارن سان سختي سان پيش اچڻ جي روايت عام ھئي ھن ٻارن کي حد کان وڌيڪ محبت، آزادي ۽ اعتماد ڏئي انھن جي شخصيت سازي ڪئي.
فيمينزم جي ماڊرن تحريڪ ته بعد ۾ شروع ٿي پر انور پيرزادي ان جي شروعات گھڻو اڳ پنھنجي گھر ۾ ٽن ڇوڪرين کي جديد تعليم ڏئي عملي طور عورتن کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ جو مثال قائم ڪيو. سڄي زندگي عورتن جي حقن جو وڏو وڪيل رھيو. سندس شخصيت جي ھن پاسي تي وڌيڪ تحقيقي ڪم ٿيڻ گھرجي.
نه فقط لکڻيون پر انور پيرزادي جو ڳالههائڻ ايڏو ته طاقتور ھوندو ھيو جنھن سان ھن الائي ته ڪيترن ماڻھن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون ۽ پنھنجي ارد گرد نوجوانن جي ھڪ وڏي کيپ تيار ڪئي. اھا وڏي صلاحيت آھي ته ڪنھن ماڻھوءَ سان ڪچھري ڪجي ۽ انکانپوءِ سندس گس ئي مٽجي وڃي ۽ اھو ماڻھو ھڪ نئون انسان بڻجي وڃي. انور پيرزادو اھڙو انسان ساز شخص ھيو. تقرير ۽ گفتگو جو فن سيکارڻ لاءِ انور پيرزادي جون وڊيوز مثال طور ڏيکاري ٿيون سگھجن.
انور پيرزادي کي اسان ڪڏھن اداس، مايوس يا پريشان نه ڏٺو. ھميشه ھشاش بشاش، سرگرم ۽ متحرڪ ڏٺو. ڪم تبديل ٿيندا رھيا پر جدوجھد ڪڏھن ختم نه ٿي. پنھنجي موقف ۾ ھميشه چٽو ھوندو ھيو. انڪري ئي سندس ڳالههائڻ ڪڏھن به مبھم نه ھوندو ھيو. علم ۽ ڪم سان محبت ڪندڙ شخص ھيو. علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ سڄي سنڌ جا دورا ڪيائين. پاڻ کي سنڌ جو شاگرد چوندو ھيو. ھن پنھنجي سڄي زندگي سنڌ جي سماج کي سڌارڻ لاءِ وقف ڪئي، ايئن پاڻ کي حقيقي سماج سڌارڪ انسان ثابت ڪيو.
انور پيرزادي جو سنڌ جي نوجوان ۾ وڏو ويساھ ھيو. ھو نوجوانن سان گڏ ويھڻ، ڪچھريون ڪرڻ ۽ سندن ھمٿ وڌائڻ پسند ڪندو ھيو. کين هميشه ساراھيندو رھندو ھيو. عظيم ماڻھو اھي ھوندا آھي جيڪي وقت کان اڳتي سوچ رکندڙ ۽ ويزنري ھوندا آھن. انور پيرزادي وٽ بيشمار خيال، منصوبا ۽ آئيڊياز ھوندا ھيا. ھن جون لکڻيون توڙي تقريرون خاص طور تي سنڌ جي نوجوانن کي ضرور پڙھڻ گھرجن ڇو ته اھي سنڌ لاءِ گائيڊ لائين ۽ رھنمائي جو درجو رکن ٿيون. انور پيرزادو سنڌ جو اھڙو دانشور آھي جنھن جي فڪر ۽ چوڻين تي عمل ڪري سنڌ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي واٽ ڏانھن موٽي سگھي ٿي.