مٺي (عوامي آواز رپورٽ) ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي جي اسپتال ۾ گذريل ٽن هفتن ۾ 45 معصوم ٻار غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته 75 ٻار اڃا تائين علاج هيٺ آهن. ايم ايس سول اسپتال مٺي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فوت ٿيندڙ 3 ٻارن جي عمر هڪ سال کان گهٽ هئي. ايم ايس موجب، ٿڌ ۽ غذائي کوٽ جي ڪري، اهي ٻار پيدائشي طور تي گهٽ وزن سان پيدا ٿيا هئا ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئا. ٻارن جي وارڊ جي گنجائش 70 ٻار آهي، جڏهن ته هن وقت ٿڌ ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا 76 ٻار علاج هيٺ آهن. بيمار ٻارن جي والدين جو چوڻ آهي ته اسپتال جي ٻارن جي آءِ سي يو ۾ طبي سهولتن جي کوٽ آهي.