سکر(رپورٽ: آزاد مهر) خانپور مهر جي رهواسي وشال ڪمار بااثرن پاران تشدد ڪرڻ تي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان ذريعي دانهيندي چيو آهي ته منهنجي سردار علي نواز عرف راجه خان مهر سان پمپ ۾ ڀائيواري آهي ۽ مان ڪراچي شفٽ ٿيڻ جي ڪري علي نواز عرف راجه خان سان پمپ تي ڪم ڪرڻ کان منع ڪيو جنهن تان ڪاوڙجي سردار علي نواز عرف راجه خان مهر مونکي پنهنجي بنگلي تي گهرائي مون کي ڪپڙن کان آجو ڪري مون تي پاڻ ۽ پنهنجي گارڊن کان سخت تشدد ڪرايو ۽ مون کي ڪم ڇڏڻ جي صورت ۾ گولي هڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته اسان به ديوان آهيون انسان آهيون اسان کي به جيئڻ جو حق آهي، اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي ته اسان سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي رهيو، هن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف، وزير اعليٰ سنڌ، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعلي ٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون تي ٿيل تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺي مون کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مان لاچار ۽ مجبور هجڻ ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندس يا وري ملڪ ڇڏي هليو ويندس. هوڏانهن ان معامري بابت سردار علي نواز خان عرف راجا خان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿيڻ ڪري سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو، ديوان نوجوان وشال ڪمار پاران اهڙو وڊيو بيان جاري ڪرڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سردارن جي زيادتين ۽ ظلمن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته ڀوتار ۽ سردار قانون کان مٿي ٿي ويا آهن، هر ايندڙ ڏينهن سردارن جي ظلمن جي خبرن سان ڀريل هوندو آهي، ديوان نوجوان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڪجهه واهيپدارن لکيو ته سردار کي ڪجهه ڪو نه ٿيندو، حڪومت جيڪڏهن ڪجهه نه ڪيو ته وشال جي زندگي کي خطرو پيدا ٿي ويندو.