ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ جو خلاصو آهي ته نه گل پلازا ٺهي ها ۽ نه باهه لڳي ها!نااهل سنڌ حڪومت اهو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته فائر بريگيڊ جون گاڏيون دير سان ڇو پهتيون؟ ڇنڇر تي لڳندڙ باهه، اڱاري تائين ڇو جلندي رهي؟ سنڌ حڪومت جي ماتحت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، بلڊنگ ڪوڊ تي عملدرآمد ۾ ڇو ناڪام رهي؟هن لکيو ته حقيقت ۾، پيپلزپارٽي جي ماتحت ادارا ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي چڪا آهن. پيپلزپارٽي نه ته وڏن شهرن جو انتظام سنڀالي سگهي ٿي ۽ نه ئي ننڍڙي ڳوٺ جو!