ناليوارو اديب ممتاز مهر لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد (پ ر)ناليوارو اديب ممتاز مهر ڪراچي ملير ۾  لاڏاڻو ڪري ويو،سندس جنازي نماز اڄ ملير ۾ هڪ وڳي ادا ڪئي ويندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين پاران مشھور نقاد ۽ ڪھاڻيڪار ممتاز مھر جي وڇوڙي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آهي. حيدرآباد مان جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته ممتاز مھر سنڌي ادبي تنقيد ۾  "ويچار” ۽ سنڌي ڪھاڻي ۾ "جڏهن مان چوهٺ جو هوندس” جھڙا ڪتاب ڏئي وڏو ڪم  ڪيو. ممتاز مھر جا ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ اهم مقام رکن ٿا. هن چيو ته ته ممتاز مھر ڪراچي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ وڏي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو. هن جو چوڻ هو ته ممتاز مھر جي وڇوڙي تي سندس پونئيرن سان گڏ سنڌ جي سڀني ادبي حلقن سان عذرخواهي ڪجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.