اسلام آباد(اعزاز سيد)بي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ثناءُ الله بلوچ چيو آهي ته اڄ جي عالمي سياست جو مرڪز “ريئر ارٿ منرلز” (Rare Earth Elements) بڻجي چڪو آهي۔اهي اهڙا معدنيات آهن، جن کان سواءِ موبائل فون، ڪمپيوٽر، ڪيمرا، اليڪٽرڪ گاڏيون، ميزائل، جهاز، انٽرنيٽ ڪيبل، ۽ جديد هٿيارن جي تياري ممڪن ناهي۔اٽڪل 25 کان 26 ريئر ارٿ عنصر آهن، جن ۾: ليٿيم، اينٽيموني، ڪاپر، ڪوبالٽ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن،هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو صدر پهريون ماڻهو هو، جنهن کليل لفظن ۾ چيو ته:اسان کي يوڪرين جا ريئر ارٿ منرلز گهرجن،اهو ئي سبب آهي جو هاڻي دنيا ۾ “ورلڊ آرڊر“ بدران ”نيچرل ريسورس ورلڊ آرڊر“ ٺهي رهيو آهي، جنهن ۾ آمريڪا،چين،روس،۽ ٻيون وڏيون طاقتون معدني وسيلن تي ڪنٽرول چاهين ٿيون۔ هي سياست انساني ترقي لاءِ ناهي، پر وسيلن جي استحصال لاءِ آهي،۽ اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي،هن چيو ته بلوچستان وسيلن سان ڀرپور، پر محروميءَ جو شڪار آهي،جيڪڏهن بلوچستان کي پنهنجي گيس جي صحيح قيمت ملي ها،ته هن صوبي کي 21,700 ارب رپين جو نقصان نه ٿئي ها۔2010ع ۾ 18هين آئيني ترميم کان پوءِ تيل ۽ گيس ۾ 50 سيڪڙو حق صوبن جو قرار ڏنو ويو۔پر حقيقت ۾ بلوچستان کي اهو حق عملي طور ڪڏهن نه مليو،وفاقي ادارا اڄ به ڪنٽرول رکيو ويٺا آهن،هن چيو ته بلوچستان جو هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (HDI)تقريباً 0.39 آهي،جيڪو ڏکڻ سوڊان ۽ سوماليا جهڙن ملڪن جي برابر آهي۔23 لک ٻار تعليم کان محروم آهن،صاف پاڻي، اسپتالون، ٽوائليٽس اڻلڀ آهن،هن چيو ته بلوچستان ۾ سون، ٽامون، ڪوئلو، ڪرومائيٽ ،۽ 82 کان وڌيڪ معدني وسيلا موجود آهن۔ريڪوڊڪ منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو ڪاپر-سون منصوبو آهي،جنهن جي ماليت تقريباً هڪ ٽريلين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي،پر جيڪڏهن شفافيت،انساني ترقي،۽ صوبائي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو،ته ايندڙ 50 سالن ۾ به بلوچستان کي فائدو نه ٿيندو،هن چيو ته وسيلن جو هجڻ ڪافي ناهي،جيڪڏهن انهن جي منصفاڻِي ورڇ، شفاف گورننس۽ انساني ترقي تي خرچ نه ٿيندو،ته اهي وسيلا نعمت بدران لعنت بڻجي ويندا آهن