لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ڀرسان هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او لکي خميسو خان بروهي جو قتل ڪيس 18 هٿيار بندن خلاف داخل، مرزا پور ويجهو مختلف ڳوٺن تي چڙهائي سرچ آپريشن دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، لکي غلام شاهه لڳ هٿيار بندن جي فائرنگ شهيد ٿيل ايس ايڇ او لکي خميسو خان بروهي جو قتل ڪيس 18 هٿيار بندن خلاف داخل ڪيو ويو جنهن جوڻيجا مڱڻيجا ڪهراڻي جتوئي گروپ جا ڏوهاري شامل آهن، نظام جوڻيجو توفيق عباس گاهي ڪاشف شمس بخت جوڻيجو مينهل مڱڻيجو اميرعلي مڱنيجو پروز ڪهراڻي جتوئي 8 اڻڄاتلن خلاف خلاف اي ايس آءِ ظهير بلوچ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، شڪارپور پوليس مرزا پور ويجهو ڪچي واري علائقي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ٻن ڏوهارين مٺل عرف مٺو جوڻيجو عبدالغفور جوڻيجو کي پوليس مقابلي دوران مارڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته پوليس 13 شڪي ڏوهارين کي زخمي ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي ٻئي طرف شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا ويا آهن ڳوٺ دودو جوڻيجو مان جمعو جوڻيجو گرفتار جنهن وٽان هٿيار هٿ اچڻ جا اطلاع پڻ آهن.