گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي وفاق حوالي نه ٿيندي:شهلا رضا

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي کي وفاق جي حوالي نه ٿو ڪري  سگهجي. هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شهلا رضا نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ چاهين ٿا اهي رڳو خواب ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته جڏهن 18هين ترميم جي ڳالهه ٿيندي ته پيپلز پارٽي طرفان جواب ايندو. ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ گڏجي گل پلازا سانحي تي سوشل ميڊيا مهم هلائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.