فاروق ستار جي غيرقانوني فيصلن سبب گل پلازا سانحو ٿيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فاروق  ستار جيتري سٺي اردو ڳالهائي، پر حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. اسان واضح ڪيو ته  گل پلازا جي ليز ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۾ فاروق ستار جو ميئر طور ۽ جماعت اسلامي جي ناظمن جو ڪردار رهيو آهي. اهي سڀ غير قانوني قدم ارڙهين ترميم کان اڳ کنيا ويا هئا. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ هن چيو ته فاروق ستار اهو سچ رد نٿو ڪري سگهي ته جن فيصلن اڳتي هلي گل پلازا جهڙي سانحي کي جنم ڏنو، انهن ۾ سندس سڌو ۽ اڻ سڌو ڪردار موجود هو. فاروق ستار پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  تاريخي رڪارڊ ۽ سرڪاري دستاويز واضح طور ٻڌائي رهيا آهن ته ڪراچي ۾ غير قانوني تعمير ۽ بي ضابطي ريگولرائيزيشن جو  بنياد ان ئي دور ۾ پيو. گل پلازا سانحو ڪنهن هڪ ڏينهن جي غفلت جو نتيجو ناهي، جن ماڻهن انهن غلط فيصلن جي بنياد رکي، اهي اڄ سوالن کان فرار اختيار نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اڄ ڪراچي جو  عوام سوال ڪري ٿو ته جيڪڏهن بنياد ئي غلط رکيو ويو هو، ته ان جي نتيجن جو ڪير ذميوار آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.