فورسز قربانين جو ذڪر ته وڏي واڪي ڪن ٿيون پر دهشتگردي اڃا وڌي پئي:فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رياستي فورسز قربانين جو ذڪر ته وڏي واڪي ڪن ٿيون پر ان باوجود ملڪ ۾ دهشتگردي وڌندي پئي وڃي،  جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ شادي جي تقريب دوران ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پنجن ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. هن چيو ته هو ان المناڪ واقعي جي متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙا حملا رڳو هڪ سماجي تقريب تي وار ناهن هوندا، پر پوري سماج جي اجتماعي احساسن کي لوڏي ڇڏيندا آهن، جنهن سان سوسائٽي اندر تڪليف ۽ بيچيني پيدا ٿئي ٿي. مولانا فضل الرحمان چيو ته رياستي مشينري ۽ سرڪاري فورسز امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجين ڪوششن ۽ قربانين جو ذڪر ته ڪن ٿيون، پر عوام جي تڪليفن جو ازالو نظر نٿو اچي. هن چيو ته مرض وڌندو ويو جئين جئين دوا جيان بدامني ۽ تشدد جون لهرون گهٽجڻ بدران وڌيڪ وڌي رهيون آهن. هن سوال اٿاريو ته شهري حق تي آهن جو هو پڇن ته لامحدود وسيلن ۽ اختيارن هوندي به ڏينهون ڏينهن حڪومتي رٽ ڇو محدود ٿي رهي آهي ۽ گورننس جو بحران ڇو وڌي رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته رياست عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جو فرض ڇو نٿي نڀائي سگهي. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي جي نالي تي شهرين جي چرپر محدود ڪرڻ ۽ بنيادي انساني حق ڦٻائڻ باوجود به دهشتگردي ڇو شهرن جي درن تي بيٺي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.