ڪراچي ۾ نظام ٺيڪ ناهي،ڪرپشن وڌي رهي آهي:شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراه شاهد خاقان عباسي ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  صوبن واري معاملي تي بحث ٿيڻ گهرجي صوبائي نظام سان ڪجه بهتر به پيو ٿئي تعليم ،صحت ۽ پوليس جو نظام صوبائي ته آهي پر ڇا اهي شعبا صوبائي حڪومت ۾ هوندي ڪم ڪن پيا؟هن چيو ته صوبائي حڪومتن وارو نظام ناڪام ثابت ٿيو آهي ته مڪاني نظام به ناڪام ثابت ٿيو آهي، ڪراچي  کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ڳاله ٺيڪ ناهي ، ڪراچي ۾ گل پلازا جهڙيون هزارين عمارتون آهن،هن چيو ته 18 هين ترميم ٿيڻ ۾ ٻه اڍائي سال لڳا ان ۾ خرابي اها هئي ته ان کي جلدبازي ۾ ڪيو ويو،هن چيو ته گل پلازاه ۾ واقعو ٿيو ان جي حڪومت ذميوار آهي ڇو ته حڪومت جو ڪم آهي ته بلڊنگن ۾ ايمرجنسي سهولتن جي چڪاس ڪري، هن  چيو ته غزا پيس ڪائونسل جي معاملي ۾ به اسان جلد بازي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو فيصلو ڪنهن هڪ ماڻهو کي نه ڪرڻ گهرجي هن چيو ته ڪراچي کي آبادي جي حساب سان وفاق مان سنڌ کي پئسو ملي ٿو، پر شهر جا روڊ رستا ۽ نظام بهتر ٿيو نه آهي، هن چيو ته هر سال ڪرپشن وڌندي وڃي ٿي ،نيب ايف آئي اي ،اينٽي ڪرپشن ادارا آهن پر ڪرپشن وڌي پئي، ٽئڪس ريڪارڊ لڪائڻ جو قانون پاس ٿيو آهي اهو ختم ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.