اترين علائقن ۾ شديد برفباري، زندگي جو نظام مفلوج، لڏپلاڻ،رستا بند

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ لڳاتار  شديد برفباري ۽ تمام گهڻي سيءُ سبب زندگي جو نظام بري طرح سان متاثر ٿي رهيو آهي، رپورٽن موجب آزاد ڪشمير، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي گهڻن ضلعن ۾ ڪيترن ئي فُٽن تائين برف پئي، جنهن جي نتيجي ۾ رابطن وارا رستا بند ٿي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ۽ سوين ماڻهو مختلف علائقن ۾ ڦاسي پيا، ڪيترن ئي هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ  ۽ برفاني ڇپون ڪرڻ جا واقعا به رپورٽ ٿيا، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان وڏي پيماني تي ريسڪيو ۽ امدادي آپريشن جاري آهي، آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان جاري شديد برفباري سبب روزمرهه جا معاملا مڪمل طور مفلوج ٿي ويا، وادي نيلم، اپر نيلم، اٺ مقام، سدھنوتي، باغ ۽ هٽيان بالا سوڌو ڪيترن ئي مٿانهين وارن علائقن ۾ لڳاتار برفباري سبب روڊ مڪمل طور بند ٿي ويا، ضلعي حويلي جي حدن اندر شديد برفباري دوران ايمبولينس سوڌو لڳ ڀڳ 25 گاڏيون برف ۾ ڦاسي پيون، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت لڳ ڀڳ 100 ماڻهو سوار هئا، برف ۾ ڦاٿل مسافرن جي اطلاع ملندي ئي پاڪ فوج فوري طور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو، فوجي دستن انتهائي ڏکين موسمي حالتن ۾ ڪارروائي ڪندي 32 مسافرن کي بحفاظت ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو، ريسڪيو آپريشن دوران هڪ ايمبولينس ۾ موجود ٻه لاش به ٻاهر ڪڍيا ويا، جنهن تي وارثن پاڪ فوج جي بروقت ڪارروائي کي ساراهيو، مظفرآباد ۾ ڪيترن سالن کانپوءِ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب سيءُ جي شدت ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، وادي نيلم ۾ شديد برفباري سبب ٻه گهر ڊهي پيا، جڏهن ته خوشقسمتي سان ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه مليو، برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ اهم شاهراهون بند ٿي ويون، جنهن ڪري مقامي آبادي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ شديد برفباري ۽ تيز هوائن سبب بجلي جو نظام بري طرح متاثر ٿيو آهي، ڪيترن هنڌن تي بجلي جا پول ڪري پيا، جڏهن ته تارون ٽٽڻ سبب گذريل 24 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

هنزه، نگر ۽ چيپورسن ۾ به برفباري سبب رابطن وارا رستا بند

هنزه (م ڊ) هنزه، نگر ۽ چيپورسن ۾ به برفباري سبب رابطا روڊ بند آهن، جنهن ڪري مقامي آبادي کي سخت مشڪلاتن  کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وادي چيپورسن ۾ خيمن ۾ رهندڙ زلزلي متاثرين کي شديد سردي ۽ لڳاتار برفباري سبب انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. امدادي ادارا متاثر ماڻهن تائين ضروري سامان پهچائڻ لاءِ متبادل رستن ۽ هوائي ذريعن تي غور ڪري رهيا آهن، شديد برفباري جي پيش نظر ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ پاڪ فوج هاءِ الرٽ آهن، جڏهن ته شهرين ۽ سياحن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، موسمي صورتحال تي نظر رکڻ ۽ انتظاميا جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گلگت بلتستان ۾ شديد برفباري سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي

 

چلاس (م ڊ) گلگت بلتستان ۾ شديد برفباري سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي، چلاس ۽ اپر ڪوھستان ۾ برفباري ۽  لينڊ سلائيڊنگ سبب شاهراهه قراقرم مختلف هنڌن تان بند ڪئي وئي، جنهن ڪري سوين مسافر ۽ مال بردار گاڏيون ڦاسي پيون ۽ ضروري شين جي ترسيل به متاثر ٿي رهي آهي، ضلعي استور ۾ ڪيترن ئي فٽن تائين برف پوڻ سبب زندگي جو نظام مڪمل طور مفلوج ٿي ويو، جڏهن ته استور جو ملڪ سان زميني رابطو ڪٽجي چڪو آهي، راما ميڊوز، ديواسائي، نانگا پربت ۽ برزل ٽاپ ۾ پنج کان ڇهه فٽ تائين برف پئجي چڪي آهي، جڏهن ته مشرف چوڪ تي برفاني تودو ڪرڻ سبب روڊ بند ٿي ويو آهي، جنهن کي کولڻ لاءِ ڳري مشينري گهرائي وئي آهي.

مالاڪنڊ ۾ ڪيترن سالن کانپوءِ برفباري رڪارڊ، رستن تي وڻ ڪري پيا

مالاڪنڊ (م ڊ) مالاڪنڊ ۾ ڪيترن سالن کانپوءِ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سيءُ جي شدت ۾ نمايان اضافو ٿيو،  ڪجهه هنڌن تي برف جي وزن ۽ تيز هوائن سبب وڻ رستن تي تي ڪري پيا آهن، جنهن ڪري ٽريفڪ متاثر ٿي، جڏهن ته انتظاميا فوري طور وڻ هٽائڻ ۽ روڊ کولڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ضلعي خيبر ۾ برفباري سبب ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر موجب متاثر ماڻهن کي پائينده چينه اسڪول ۽ هاسٽل منتقل ڪيو ويو، جتي کين عارضي رهائش ۽ ضروري سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، شانگله ٽاپ ۾ به 22 ڪلاڪن کان برف ۾ ڦاٿل چار سياحن کي ڪامياب ريسڪيو آپريشن بعد محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

افغانستان ۾ شديد برسات ۽ برفباري، 61 ماڻهو فوت

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ شديد برسات ۽ برفباري سبب وڏي تباهي اچي وئي، خابرو ايجنسين موجب پروان، وردڪ، قنڌار،  جوزجان، فارياب ۽ وسط باميان سميت ٻين علائقن ۾ مسلسل برفباري ۽ برسات جو سلسلو جاري آهي، افغان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب تازن واقعن ۾ 61 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 110 زخمي ٿي چڪا آهن. اٽڪل 458 گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته شديد برفباري ۽ برفاني ڇپن جي خطري سبب اهم شاهراهون ۽ بين الصوبائي رستا بند ٿي ويا آهن، برسات ۽ برفباري سبب چوپايو مال به متاثر ٿيو آهي.

ڪي پي ۾ به صورتحال خراب، سياحن جي داخلا تي پابندي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي مٿيانهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي، وادي ڪاغان ۾ برفباري سبب رابطا روڊ بند ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ ضلعي انتظاميا سياحن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ايندڙ سياحن کي بالاڪوٽ ۾ روڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به وڏي حادثي کان بچي سگهجي، دير بالا، ڪُمراٽ ۽ لواري ٽنل ۾ به شديد برفباري سبب آمدرفت معطل ٿي وئي، برف ڄمڻ ۽ ترڪڻ سبب گاڏين جي هلچل ممڪن نه رهي، جنهن ڪري مقامي ماڻهن سميت مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ شديد سيءُ جي لهر، بيمارين ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ مسلسل هوائن سبب سخت سيءُ جي لهر برقرار آهي، موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن  دوران سڄي شهر ۾ موسم ٿڌي رهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد سنگل ڊيجيٽ ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ايئرپورٽ جي ڀرپاسي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو وڌيڪ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ ٿڌيون هوائون هلنديون رهنديون، جن جي رفتار 30 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 20 کان 22 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو، وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته شهر جو موجوده گرمي پد 8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اتر اوڀر طرف کان هوائون 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.