اسلام آباد(شهزاد اقبال)ڪراچي ۾ هر سانحي کانپوءِ پ پ حڪومت جو هڪ ئي راڳ”غلطي مڃو،معافي گهرو ۽ جان ڇڏايو“ رهيو آهي پر اڄ تائين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت ڪنهن ٻئي کاتي يا ڪنهن وزير جو ڪو به احتساب ناهي ٿيو،جيڪو احتساب جو مطالبو ڪري يا انهن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ته ابتو ان تي سياست ڪرڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو،سوال اٿاريندڙ کي ڪوڙو قرار ڏنو وڃي ٿو،پ پ سترهن سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي،ڪراچي جو ميئر به پنج سالن کان شهر تي حڪمراني ڪري رهيو آهي،