سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جو مطالبو هر ٿوري وقت جي وٿي کانپوءِ هڪ نئين نالي ۽ نئين جواز سان سامهون ايندو آهي. ڪڏهن ان کي انتظامي ناڪاميءَ جو حل چيو ويندو آهي، ڪڏهن شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي فرق کي ذميوار بنياد ويندو آهي، ته ڪڏهن وفاقي مداخلت کي نجات جو رستو قرار ڏنو ويندو آهي. پر جيڪڏهن تاريخ، سماجي ۽ اقتصادي حقيقتن کي ڏٺو ۽ پڙهيو وڃي ته اهي تمام دليل هڪ ئي پراڻي حڪمتِ عملي جو تسلسل نظر اچن ٿا۔ اها حڪمتِ عملي جيڪا نوآبادياتي/ بيٺڪي دور ۾ "ڊِوائيڊ اينڊ رول” (ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو) جي نالي سان سڃاتي ويندي آھي، ۽ جيڪا اڄ به نون روپن ۽ فتنن سان زنده آهي.
سنڌ جي وحدت ڪو جذباتي نعرو ناهي، پر پاڪستان جي قيام جي هڪ بنيادي تاريخي حقيقت آهي. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ، برطانوي هند جي پهرين قانون ساز اسيمبليءَ جي حيثيت سان، مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي. اها قرارداد ڪنهن ورهايل انتظامي خطي پاران نه، پر هڪ متحد، تاريخي ۽ سياسي وجود جي پاران پيش ڪئي وئي هئي. سائين جي. ايم. سيد پاران پيش ڪيل اها قرارداد خودمختيار ايڪاين تي ٻڌل وفاق جو تصور پيش ڪيو، نه ڪي مرڪزيت ۽ فرمانبرداريءَ جو!
لاھور ۾ منظور ڪيل 1940 پاڪستان جي قرارداد ۽ 1943 سنڌ واري قرارداد کي جڏھن ڏسجي ٿو ته انهي ئي معنيٰ ۾ پاڪستان سنڌ کي ٽوڙي وجود ۾ ناهي آيو، پر سنڌ جي وحدت سان وجود ۾ آيو آهي. اھڙي نموني ڪي پي ( تڏھن جو سرحد)، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ گڏجي ھي عظيم ملڪ جوڙيو؛ تنهنڪري اڄ جڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اهو رڳو انتظامي بحث ناهي، پر پاڪستان جي بنيادي وفاقي معاهدي کي چئلينج ڪرڻ جي برابر آهي.
آزاديءَ کانپوءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌ ۾ نسلي ۽ لساني هم آهنگي نسبتاً برقرار رهي. پر جيڪي ڏار، ڇيڙڇاڙ ۽ ڪي قدر ويڇا اڄ نظر اچن ٿا، اها فطري نه آھن پر شعوري طور پيدا ٿيل آھن. برطانوي راڄ ماڻهن کي نسلن، مذھبن ۽ درجن ۾ ورهائي متحد مزاحمت کي روڪيو؛ بعد ۾ انهي ساڳي پاليسيءَ کي رياستي اسٽيبلشمينٽ نون سياسي اوزارن سان اختيار ڪيو. پھريون افغان جھاد کي منظم ڪرڻ لاءِ فرقاواريت کي ھٿي ڏني وئي جنھن جي ڪري اڄ تائين پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان جي فوج ھزارين جانين جي صورت ۾ پاڪستان مٿان ٿوپيل پرائي ويڙھ جي ڪري قرباني ڏني آھي۔ ان ڏينھن جي شروعاتي دور ، 1980ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن آمريت خلاف ايم آر ڊي / جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ خاص ڪري سنڌ ۾ زور ورتو، ته هڪ ڀيرو ٻيهر ورهاڱي کي هٿيار بڻايو ويو. شهري ۽ ٻهراڙي آبادي، يا شھرن اندر زبان ۽ نسل جي بنياد تي عوام کي آمهون سامهون آڻي سياسي تحريڪن کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ تشدد کي جواز بڻائي رياستي مداخلت کي جائز بڻايو ويو. بشريٰ زيدي واقعي کانپوءِ شروع ٿيندڙ تشدد جي سياست ڪو پاڻمرادو سماجي ٽڪراءُ نه هئي، پر طاقت جي منظم حڪمتِ عملي جو نتيجو هئي! اهڙي حڪمتِ عملي جيڪا اڄ به مختلف صورتن ۾ زنده آهي.
جنوري 2026ع ۾ ڪراچي جي گل پلازا سانحي کانپوءِ، جڏهن انساني جانين جي زيان تي احتساب ۽ ادارتي سڌارن جو مطالبو ٿيڻ گهرجي ها، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ورهاڱي جو نعرو بلند ڪيو ويو. ڪراچي کي ”وفاقي علائقو“ بڻائڻ جي ڳالهه انتظامي حل جي نالي تي پيش ڪئي پئي وڃي، پر حقيقت ۾ اها سنڌ کان ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي خطرناڪ ڪوشش جو ورجاءُ آھي . ان موقعي تي اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته اهو مسئلو صرف سنڌ جو ناهي. پاڪستان ۾ حڪمراني جي بحران جو بنياد جاگرافي ناهي، پر وڏن ماڻھن، طاقتور طبقن جو اهو قبضو آهي جيڪو هر صوبي ۾ مختلف صورتن ۾ موجود آهي.
اهو اشرافيه جو قبضو (اليٽ ڪئپچر) ڪنهن هڪ شهر يا علائقي تائين محدود ناهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهو ملڪ، خان، چوڌري، رئيسن واري جاگيرداراڻي ۽ سرداري نظام جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جتي بااثر ماڻهو قانون کان مٿانهون ٿي پورهيتن ۽ غريبن جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪن ٿا. بدين ۾ جنوري 2026ع دوران ڪيلاش ڪولھي جو قتل ۽ سرڪاري کلي ڪچهري ۾ شهرين تي تشدد ان جو هڪ مثال آهي، پر اهڙا مثال بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي قبائلي ضلعن ۾ به ورجايا ويندا رهيا آهن. ڪي پي جي ڪجهه ضلعن جي علائقن ۾ ته ضلعي انتظاميا به وڃي نه سگھندي آھي، پنجاب جي ڪيترن شھرن ۽ راڄن ۾ بدمعاشي ڌڙا تحرڪ ۾ رھندا آھن۔ اهڙي طرح وڏن شهرن ۾، خاص ڪري ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ ٻين ميٽروپوليٽن مرڪزن ۾، زمين، پاڻي،تعميراتي ۽ قبضو مافيا ڪنھن نه ڪنھن جي سرپرستي سان شهري زندگي کي يرغمال بڻائيندي رھي آهي. عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق اهڙا طاقتور مراعات يافته طبقا پاڪستان جي معيشت کي هر سال اربين ڊالرن جو نقصان پهچائين ٿا. ھتي پنج ھزار رپيا نه موٽائيندڙ ماڻھو جيل جو منھن ڏسي ٿو، جڏھن ته اربين رپيا قرض کڻندڙ پنھنجا قرض معاف ڪرائي ٿو۔ صوبن جي ورهاڱي جي ڳالهه انهن قوتن کي ڪمزور ڪرڻ بدران وڌيڪ مضبوط ڪندو، جڏهن ته عام ماڻهو هر هنڌ ساڳي محرومي ڀوڳيندو رهندو.
معاشي ۽ ماحولياتي حقيقتون به صوبائي وحدت جي اهميت کي لازمي بڻائين ٿيون. سنڌ جو گادي جو ھنڌ ڪراچي بندرگاهه، مالي خدمتن ۽ تجارت جو مرڪز آهي، جڏهن ته باقي سنڌ پاڻي، خوراڪ، خام مال ۽ افرادي قوت ڏيندڙ آھي. اها ئي باهمي وابستگي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به موجود آهي. معاشي اڪائين کي پنھنجي مطلب لاءِ ٽوڙڻ دراصل مهانگائي، استحڪام کي ختم ڪرڻ ۽ علائقائي ناانصافي کي دعوت ڏيڻ آهي.
اسان تاريخي طور ۽ ھاڻ پڻ پسيوسين ته پاڻي جي معاملي ۾ اهو خطرو وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو. سنڌ پڇڙيءَ جو صوبو هجڻ ناتي اڳ ئي شديد دٻاءُ ۾ آهي، پر پاڻي تي تڪرار هڪ ملڪي بحران آهي ۽ ملڪن ۾ ائين اختلاف ھُجڻ ڪا اڻٿيڻي ڳالهه ناھي . جيڪڏهن صوبن کي ورھائڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي سا حقيقت ۾ پاڪستان جي استحڪام خلاف ڳالهه ڪئي ٿي وڃي۔ انهن تمام ڳالههين جي وچ ۾ هڪ بنيادي سوال پنهنجي جاءِ تي موجود رهي ٿو: آخر هر ڀيري بحران جي گهڙي ۾ سنڌ ئي ڇو نشانو بڻجي ٿي؟ ان جو سبب انتظامي ناهي پر تاريخي ۽ سياسي آهي. سنڌ نظرياتي طور به پاڪستان جي بنياد سان جڙيل آهي ۽ عملي طور به رياست جي معاشي ۽ جاگرافيائي شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿي. هڪ متحد، شعور رکندڙ ۽ سياسي طور تي متحرڪ سنڌ هميشه جمھوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ پتوڙيندي رھي آھي، وفاق پرست پارٽين کي ووٽ ڏيندي رھي آھي۔ سياسي ۽ شعوري طور بيدار سنڌ پنھنجي حقن لاءِ مرڪز کان جواب طلبي ڪري ٿي ۽ سنڌ حڪومت کان پڻ پچاڻو ڪري ٿي ۔ ان ڪري سنڌ کي وري وري انتظامي تجربگاهه بڻايو وڃي ٿو.اها عوامي ڀلائي نه پر طاقت جي توازن کي پنهنجي مرضي مطابق ڪرڻ جي ڪوشش هوندي آهي.
سنڌ هجي يا پاڪستان جو ڪو ٻيو صوبو، مسئلن جو حل نقشو بدلائڻ ۾ ناهي. اصل مسئلو اختيارن جي مرڪزيت ۽ طاقتور اشرفيہ جي بي لغام قبضي جو آهي. حل نه نون صوبن ۾ آهي ۽ نه وفاقي تحويل ۾، پر آئين جي آرٽيڪل 140-A جي سچي عملداري يعني اختيارن، وسيلن ۽ جوابدهي کي ھيٺين سطح تائين پھچائڻ ۾ آھي. ڪراچي جو ميئر هجي يا بدين جو چيئرمين، ڊيرا بگٽي جو نمائندو هجي يا ڏکڻ پنجاب جو، سڀني کي حقيقي اختيار ملڻ کانسواءِ بهتري ممڪن ناهي. هڪ متحد سنڌ، ۽ اھڙي طرح ٻيا فعال صوبا جتي قانون جي حڪمراني اشرافيه جي بي انت سھولتن تي غالب هجي؛ اهي ئي هڪ متحد، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهن. تاريخ واضح طور تي خبردار ڪري ٿي: جيڪي ماڻهو وفاق جي بنيادن يعني ايڪائين کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي رڳو هڪ صوبي کي نه پر پوري وڻ کي ڪيرائڻ جو جوکم کڻندا آهن. سنڌ پاڪستان جو ھڪ خوبصورت ۽ جمھوريت پسند، مضبوط پاڪستان تي يقين ڪندڙ باشعور صوبو آھي، ان سان گيدي نه سنڌ جا نه ئي پاڪستان جا حڪمران ڪن۔