سنڌ جي مزاحمتي شاعر آڪاش انصاريءَ جو هي شعر ”جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءَ کي ڄاتو هتي، تنهن کي چئو! منهنجي نگريءَ مان نڪري وڃي“ انهن ماڻهن ۽ انهن سياسي تنظيمن لاءِ آهي جن سنڌ ۾ ويهي، سنڌ جو کائيندي پيئندي به ان جي نمڪ حلالي ڪرڻ نه چاهي آهي ۽ دشمنن وانگر ان جي ئي هنج ۾ رهندي کيس خنجر پئي هنيا آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا هر دور ۾ غدار رهيا آهن.
پاڻ هتي ڪراچي ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي تنظيم ۽ انهن جي اڳواڻن سان مخاطب آهيون جن سنڌ ۾ رهندي به ڪڏهن سنڌ کي تسليم نه ڪيو آهي ۽ سدائين ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن. سنڌ ۾ رهندي انهن هميشه سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر هاڻي ته صفا حد ٿي وئي آهي جو ڪراچي جي ڪنهن عمارت کي باهه لڳي ٿي، ٻار ڪنهن گٽر ۾ ڪِرن ٿا ۽ ڊمپر گاڏي ڪنهن موٽر سائيڪل سوار تي چڙهي وڃي ٿي ته چون ٿا ته بس ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي يا ڪراچي کي ڌار صوبو ڪري ڏيو يا ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو يعني سنڌ سان ناهي رهڻو. وري مٿان اهو به چون ٿا ته اسان کي جواب به نه ڏيو.
سنڌ دشمن ۽ سنڌين سان تعصب رکندڙ سياسي جماعتون ۽ انهن جا اڳواڻ خاص ڪري گل پلازا ۾ لڳل باهه واري واقعي کان پوءِ واضح طور تي بي نقاب ٿي ويا آهن. انهن پ پ جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي خراب ڄاڻائي ان بهاني سنڌ کان ڌار رهڻ جي سياست کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. پر کين جڏهن به ڪو لالي پاپ ڏبو آهي، حڪومت ۾ شامل ڪبو آهي ته پوءِ خاموش ٿي ويندا آهن. گل پلازا جي باهه واري واقعي کي جواز بڻائي پهريون چيو ويو ته اهو واقعو اختيارن کي مڪاني ادارن ڏانهن منتقل نه ڪرڻ جو نتيجو آهي يعني اختيارن جو اشو بڻايو ويو ۽ هاڻي چون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي.
جيستائين اختيارن کي مرڪز کان صوبن ۽ صوبن کان ضلعن ۽ مڪاني ادارن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو معاملو آهي ته ان سان، اسان به متفق آهيون ۽ هن ايڊيٽوريل ۾ لکندا رهيا آهيون ته پ پ جيئن 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي مرڪز کان اختيار وٺي ڏنا ويا آهن تيئن ئي هاڻي صوبن کان ضلعي ۽ مڪاني ادارن جي سطح تي پڻ اختيار منتقل ڪرڻ گهرجن. پر الائي ڇو پ پ ان تي مونجهاري جو شڪار آهي شايد اها سمجهي ٿي ته ضلعي نظام جنرل مشرف جو آندل حڪومتي نظام آهي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته مشرف کان اڳ ۾ بينظير ڀٽو ئي اصل ۾ پنهنجي دور جي وڙهندڙ ٻي اليڪشن جي موقعو تي پنهنجي منشور ۾ ضلعي حڪومتن جو تصور ڏنو هو ته ان سان اقتدار کي هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ جو موقعو ملندو پر بينظير ڀٽو صاحبه جي اها ٻي حڪومت مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جلد ختم ٿي وئي جنهن ڪري شايد اها پنهنجي پارٽي منشور جي ان اهم نُڪتي تي عمل نه ڪرائي سگهي هئي. سو اسان جي به پ پ حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي ته اها ضلعي نظام کي مضبوط ڪرڻ کان ڇو لهرائي رهي آهي جڏهن ته ان حوالي سان ئي پ پ جو اڄ ڪلهه مسلم ليگ (ن) سان به تڪرار هلي رهيو آهي. خواجه آصف به درست فرمائي رهيو آهي ته ارڙهين ترميم جو اصل روح هيٺين سطح تي ناهي لاٿو ويو.
سو پ پ جي حڪومت تي بلڪل به تنقيد ڪري سگهجي ٿي، ڪراچي ۾ ان کي گڊ گورننس قائم ڪرڻ جو جيڪو سونهري موقعو مليو هو تنهن مان برابر فائدو ناهي ورتو ويو، اڃان به حڪومت ڪراچي وارن کي پاڻ مٿان تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. تنهن ڪري پاڻ به پ پ کي چوندا آهيون ته اها گڊ گورننس قائم ڪري ۽ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري ته جيئن ڪراچي کي ڌار صوبو بڻائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائجي ايئن ڪرڻ سان ئي پ پ سنڌ صوبي کي ٻه حصا ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي.
پر اهو رويو هر لحاظ کان مذمت جوڳو آهي ته جيڪڏهن پ پ جي ڪارڪردگي مان ڪير مطمئن نه هجي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري. ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪڏهن لاڙڪاڻي، دادو، سکر، حيدرآباد جو عوام پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگي مان خوش نه هجي ته اهي شهر لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ حيدرآباد وغيره کي ڌار صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪن. اسان جي ايم ڪيو ايم تي اها تنقيد آهي ته اها پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش ناهي ته ان جو اهو مطلب ته اها سنڌ صوبي خلاف سازش ڪرڻ شروع ڪري. لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ حيدرآباد جو عوام سنڌ صوبي کي ٻه اڌ ڪرڻ جو ان ڪري حامي ناهي نه ٿيندو جو اهو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي ٿو، سنڌ سان جذباتي وابستگي رکي ٿو پر افسوس ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجو وطن ناهي سمجهيو نه ئي جذباتي وابستگي اٿن ڇاڪاڻ ته انهن جي تنظيم ٺاهڻ جو مقصد ئي ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ آهي جنهن لاءِ ان سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ايم ڪيو ايم ۾ اڪثريتي سان شامل پناهگير ته پنهنجي اصل وطن ۽ ڌرتي کي ڇڏي آيا آهن يعني انهن پنهنجي جنم ڀومي سان به وفاداري نه ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌي عوام ته ورهاڱي وقت مسلمان هئڻ ناتي کين پنهنجو ڀاءُ سمجهي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر سوال اهو آهي ته اهي ڇو نٿا ڀاءُ ٿي سنڌين سان رهن. انهن جي سنڌ سان ڇو جذباتي وابستگي پيدا نه ٿي سگهي آهي. هي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ سان ڪڏهن به جدوجهد ۾ ڇو گڏ ناهن بيٺا، انهن سنڌ جو پاڻيءَ وارو جائز حصو وفاق کان گهرڻ لاءِ ڇو ڪڏهن آواز ناهي اٿاريو. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ۾ سنڌي عوام سان رهڻ ئي پسند نٿا ڪن ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي پاڪستان سان به مخلص ۽ وفادار نه رهندا اهو الزام ناهي پر سندن فطرت جي تاريخ ئي اها رهي آهي ته جنهن سان به رهندا ته وفادار ٿي نه رهندا..
سو پاڻ ايم ڪيو ايم کي اها تجويز ڏينداسين ته اهي سنڌ ڄاون وانگر سنڌ سان ملهائين، سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ۽ ان جي جملي حقن لاءِ باقي سنڌين سان گڏجي جدوجهد ڪن ۽ پاڻ کي سنڌي سمجهن. ان ۾ ئي سندن بقا به آهي ته عزت به آهي ٻي صورت ۾ آڪاش انصاريءَ صاحب جو پيغام نما هي شعر سندن لاءِ حاضر آهي ته : جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءَ کي ڄاتو هتي، تنهن کي چئو، منهنجي نگريءَ مان نڪري وڃي“