بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جي دعويٰ

ڀارتي ميڊيا کانپوءِ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب اسڪاٽ لينڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ سي ۾ اٽلي، نيپال، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ سان گڏ رکيو ويو آهي.
هوڏانهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي فيصلي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته سيڪيورٽي خدشن ۽ فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ تي بنگلاديش پنهنجي ٽيم ڀارت موڪلڻ کان انڪار ڪيو هو.
ياد رهي ته آءِ سي سي طرفان اڃا تائين اسڪاٽ لينڊ کي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.