ڪراچي (رپورٽر) وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ بابت بيان تي بلاول هائوس جي ترجمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سريندر ولاسائي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي، ترجمان بلاول هائوس چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال سياسي طور ننڊ ۾ هلڻ واري بيماري ۾ مبتلا آهي، سريندر ولاسائي چيو ته جنهن شخص جي سياسي حيثيت ڪائونسلر جي به نه هجي، جڏهن ان کي وفاقي وزير بڻايو وڃي ته نه سندس پير زمين تي رهن ٿا ۽ نه ئي هوش سلامت رهي ٿو، مصطفيٰ ڪمال اهڙو سياسي ننڍڙو آهي جيڪو هميشه ٻين جي آڱر پڪڙي هلي ٿو، نه سندس ڪا پنهنجي سياست آهي ۽ نه ئي سوچ، ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حادثن جي بنياد تي شهرن کي وفاق حوالي ڪرڻ درست هجي ها ته پوءِ لاهور ڪڏهن جو اسلام آباد جي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو هجي ها، هن چيو ته لاهور ۾ الفتح شاپنگ مال ۾ ٻه ڀيرا، حفيظ سينٽر ۾ ٽي ڀيرا ۽ پيس شاپنگ مال ۾ ٻه ڀيرا باهه لڳي، پر انهن واقعن کان پوءِ ڪنهن به اهو مطالبو نه ڪيو ته لاهور کي وفاق حوالي ڪيو وڃي.