اسلام آباد (بيورو) انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا کي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ پيشي لاءِ عدالت ويندي گرفتار ڪيو ويو. ٻنهي ڄڻن ٽن ڏينهن کان هاءِ ڪورٽ ۾ پناهه ورتي هئي، کين سرينا هوٽل ٻاهران انڊر پاس ويجهو پوليس گرفتار ڪيو. ٻئي هاءِڪورٽ بار عهديدارن ۽ وڪيلن سان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ وڃي رهيا هئا. گرفتاري دوران موقعي تي موجود صحافين کان مبينا طور تي موبائيل فونون کسيون ويون. بعد ۾ ايمان مزاري کي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي وڏي انگ ۾ وڪيل ٿاڻي ٻاهران گڏ ٿي ويا. وڪيلن سان مبينا بدسلوڪي ۽ تشدد جا الزام به سامهون آيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر واجد گيلاني الزام هنيو ته پوليس نه رڳو مٿن تشدد ڪيو پر گاڏي جا شيشا ڀڃي ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي گرفتار ڪيو ويو. سيڪريٽري بار کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪا وڪيلن جي توهين ۽ عدالتي نظام تي دٻاءُ وجهڻ برابر آهي. واقعن کانپوءِاسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هنگامي نوٽيس جاري ڪندي مڪمل هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. پڌرائي ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ذميوار پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هنن انصاف ۽ وڪيل برادري جي تحفظ لاءِ متحد رهڻ جو عزم ورجايو. ٻئي پاسي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻنهي جون ضمانتون خارج ڪيون هيون. ٻنهي گرفتاري کان اڳ واريون درخواستون داخل ڪيون هيون. هاءِ ڪورٽ ٻاهران جهيڙي واري ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد تڪراري ٽوئيٽ ڪيس تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پراسيڪيوشن ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي پر جوابدار ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا. جج افضل مجوڪا چيو ته جيڪڏهن جوابدار پيش نه ٿيا ته جرح جو حق ختم ڪيو ويندو.