ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر يلو لائن بي آر ٽي ضمير عباسي ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سي اي او ٽرانس ڪراچي ريڊ لائن تي جاري ڪم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيپا چورنگي ويجهو ريڊ لائن بي آر ٽي جي ٻنهي پاسن تي ڪم مڪمل ٿي ويو آھي۔ ييلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رٿا جي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سينيٽر تاج حيدر پل جي ٻئي حصي جو ڪم جاري آهي، جنهن کانپوءِ جلد ئي تعميراتي سرگرميون شروع ڪيون وينديون. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورين رٿائن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، ريڊ لائن ۽ ييلو لائن بي آر ٽي شهر جي اهم علائقن ۽ ڪاروباري مرڪزن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ڪنهن به دير کان بچڻ لاءِ فيلڊ ليول تي مسئلن جو ترت حل يقيني بڻايو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته جديد شهري ٽرانسپورٽ کان سواءِ ڪنهن به شهر جي ترقي ممڪن ناهي، ۽ بي آر ٽي منصوبن جي پوري ٿيڻ سان ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ نمايان بهتري ايندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنڪ اسڪوٽيز جي ٻئي مرحلي کي جلد شروع ڪرڻ ۽ ڪراچي سان گڏوگڏ ٻين شهرن ۾ به پنڪ اسڪوٽيز جي ورڇ جا پروگرام منعقد ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.