ڪراچي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو چيو آهي ته گل پلازا جا در ڇو بند هئا، ان بابت جاچ جاري آهي، گل پلازا ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب نه لڳي، پر عمارت ۾ موجود ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش دوران دروازن بند هجڻ سبب ڀاڄ ٿي، ذريعن موجب عمارت ۾ گهڻا دڪان کليل هئا، ڇت جي رستي تي گرل لڳل هئي ۽ سي سي ٽي وي سسٽم مڪمل طور متاثر ٿيو، ميڊيا سان ڳالههائيندي جاويد نبي کوسو چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ، جاويد نبي کوسو چيو ته گل پلازا جي عمارت جا دروازا ڇو بند هئا، ان بابت جاچ جاري آهي ۽ مختلف ماڻهن جا بيانا ورتا ويا آهن، ريسڪيو اهلڪار ٻيهر عمارت ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ پوري عمارت کي ٻيهر سرچ ڪيو پيو وڃي، مشينري ذريعي ملبو هٽائڻ جو ڪم عارضي طور روڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مشينري جي استعمال سبب عمارت ڪرڻ جو خطرو آهي، هن چيو ته صدر گل پلازا تاجر ايسوسيئيشن موجب عمارت جي بجلي احتياط طور بند ڪئي وئي هئي، ملبي جي ڪري ڪري عمارت جي ڪرندڙ حصن ۾ سرچنگ نه ٿي سگهي، ملبو هٽائڻ کانپوءِ انهن حصن ۾ سرچنگ جو عمل جاري ڪيو ويندو۔