تجربو ناهي ته ڪراچي کي پرائيويٽائز ڪيو وڃي: تابش هاشمي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ميزبان ۽ ڪاميڊين تابش هاشمي چيو آهي ته شايد ڪراچي  جو ڪو گهر اهڙو نه هجي جتي گل پلازا کان آيل ڪا شيءِ موجود نه هجي، ننڍپڻ کان جواني ۽ هاڻ پڪي عمر تائين ڪراچي ۾ جيڪي ايسوسيئيشنز هيون، اهي هڪ هڪ ڪري ختم ٿي رهيون آهن، ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تابش هاشمي چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي پريس ڪانفرنس ٻڌي، جنهن ۾ چيو ويو ته هو جوابده آهي، پر فقط ڳالهيون ڪافي نه آهن، عمل ڪرڻو پوندو، هن زور ڏنو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پهريان به ٿيا آهن، ڪيترائي ٻار ڊمپرن هيٺان اچي فوت ٿي چڪا آهن ۽ متاثرن کي ڏنل هرجاڻو به حڪومت جي ذاتي وسيلن مان نه ٿا ڏنا وڃن، جيڪڏهن ڪراچي تي حڪومت کي هلائڻ جو تجربو ناهي، ته شهر کي پرائيويٽائز ڪرڻ گهرجي جيئن شهر واسي پاڻ گڏجي ڪراچي کي بهتر بڻائي سگهن، پٺاڻ، بلوچ، سنڌي، مهاجر ۽ پنجابي سڀ گڏجي شهر کي سنڀالي سگهن ٿا ڇو ته موجوده انتظاميا شهر کي نٿي هلائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.