آر جي مال ۽ گل پلازا جو مالڪ ساڳيو هجڻ جي ترديد

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ گل پلازا باهه واقعي بابت تنوير پاستا چيو آهي ته ريسڪيو آپريشن بهتر نموني جاري آهي.  هن ٻڌايو ته پلازا ۾ لڳ ڀڳ 12 سئو دڪان هئا، جن سان لاڳاپيل 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ڇو ته هر دڪان سان پورو خاندان جڙيل هوندو آهي. باهه سبب پلازا اندر موجود سمورو سامان سڙي ويو آهي. تنوير پاستا موجب اهو تاثر غلط آهي ته آر جي مال ۽ گل پلازا جو مالڪ ساڳيو هو. گل پلازا جو اصل مالڪ گل محمد خاناڻي هو، جيڪو فوت ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي سندس وارث آهن. هن چيو ته پلازا ۾ 16 داخلا گيٽ هئا، جيڪڏهن اهي بند هجن ها ته هزارين ماڻهو ٻاهر نڪري نه سگهن ها. ريسڪيو عملدارن موجب 14 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 48 لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيلن جو انگ 55 کان 60 جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته وڌيڪ لاش ملڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. عملدارن ٻڌايو ته عمارت جي سرچنگ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي رڳو ڪريل حصي ۾ ڪم جاري آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت انتهائي زبون حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪريل حصي کي ڪليئر ڪرڻ ۾ جلدبازي نٿي ڪري سگهجي ۽ حفاظتي اپاءَ لازمي آهن. هنن ٻڌايو ته 86 ماڻهن جي لاپتا هجڻ جون رپورٽون مليون آهن، پر حتمي انگ آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد سامهون ايندو. انتظاميا موجب قانون تي عمل نه ڪندڙ 6 عمارتون سيل ڪيون ويون آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته واپاري به انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.