ڪراچي (پ ر) سنڌ ۾ بنيادي انساني ۽ قومي حقن جي سخت ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. آئين جي بنيادي ڍانچي جي ڀڃڪڙي، ميرٽ جي ڀڃڪڙي، ڪرپشن، لاقانونيت ۽ بدامني وڌي رهي آهي. غريب ماڻهن جي جان، ملڪيت ۽ عزت محفوظ ناهي. بدعنوان پوليس ۽ پيپلز پارٽي جو سرڪاري ڳٺ جوڙ ايترو مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چڪو آهي جو هر ڪميشن وٺندڙ ۽ بدعنوان آفيسر، قاتل، قانون ٽوڙيندڙ، قبضا مافيا، تشدد ڪندڙ، منشيات فروش، ذخيرو ڪندڙ، مهانگائي ۽ ملاوٽ ڪندڙ، ڦورو ۽ دهشتگرد، ڀتا خور، بدمعاش ۽ چور، زناڪار ۽ ظالم ڏوهاري مافيا کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. سڄو سماج معاشي، سماجي ۽ سياسي طور تي يرغمال بڻيل آهي ۽ ڏڦيڙ ۽ انارڪي جي ور چڙهي ويو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو وچولو ۽ هيٺيون طبقو سالن کان سنڌ جي تباهي جو هي تماشو ڏسي رهيو آهي پر سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هڪ غير فرقيواراڻي، محب وطن، پرامن، روشن خيال، قومي، جمهوري ۽ عوامي پارٽي آهي جيڪا ملڪ جي اتحاد، وجود ۽ وسيلن جي حفاظت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوري قوم، خاص طور تي وچولي طبقي کي جاڳائڻ، متحد ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ جي مهم هلائي رهي آهي. اسان قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته موجوده سنڌ دشمن پارٽين ۽ ڪارپوريٽ حڪومت پاران کنيل غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن، معيشت ۽ معاشي وسيلن تي قبضي ۽ پارليامينٽ، عدليا ۽ انتظاميا کي مفلوج ڪرڻ جي خلاف 08-02-2026 تي پرامن ڦيٿا جام ۽ شٽر بند احتجاجي هڙتال کي ڪامياب بڻايو وڃي. اسان کي اميد آهي ته قوم جي مڪمل حمايت سان ڪاميابي ملندي ۽ سنڌ جا محنت ڪش ۽ غريب ماڻهو آزادي، امن، انصاف، خوشحالي ۽ خوشي حاصل ڪندا.