حيدرآباد(رپورٽر) سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدرجتوئي چيو آھي ته ڪراچي سنڌجي گادي جوشھر آھي وفاقي وزيرمصطفي ڪمال جو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو بيان افسوس ناڪ ۽ مذمت جوڳو آھي ھن چيوته ڪراچي سنڌجي گادي جوھنڌآھي سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سنڌجي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا اسان سنڌواسي پنھنجي شھرن توڙي ڳوٺن جي مڪمل طور مالڪي ڪرڻ ڄاڻون ٿا اسان ڪراچي جي به حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا اھڙن بيانن ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ھن سنڌھزارين سالن جي ثقافت رکندڙ ڌرتي آھي ان بابت ان جي شھرن بابت اھڙي قسم جابيان ڏيڻ کان پاسو ڪيووڃي.