ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبر انجنيئر عادل عسڪري نيب چيئرمين کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن ورلڊ بينڪ تحت هلندڙ منصوبن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ بينڪ ۽ گڏيل قومن جي منصوبن جو مقصد سنڌ ۾ تعليم، صحت، انفرا اسٽرڪچر ۽ پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ هو پر ڪي جوڳا نتيجا ناهن نڪتا. ڪراچي اربن موبيليٽي، ڪلڪ ڪراچي پراجيڪٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سورسز امپروومينٽ سميت 12 منصوبن تي خدشن جو اظهار ڪندي خط ۾ ورلڊ بينڪ جي 12 منصوبن جي لسٽ به ڏني وئي. خط جي متن موجب، سڀني وڏن ڊونر فنڊڊ منصوبن جي جامع ۽ آزاد آڊٽ ڪرائي وڃي ته جيئن فنڊن جي درست استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي.