دادو/ ڪي اين شاهه (پ ر) ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو طرفان ليڊي هيلٿ سپروائيزر نوربانو ملاح کي پوليو ڊيوٽي تان هٽائڻ واري عمل کي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشن ڪي اين شاهه آئين جي کليل ڀڃڪڙي ۽ قانون جي لتاڙ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ مناسب آئيني ۽ قانوني فورمز سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ڊي سي دادو طرفان هراسان ڪرڻ، غيرقانوني طور ڊيوٽين تان هٽائڻ جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشن ڪي اين شاهه ڌار ڌار مذمتي قراردادون منظور ڪري ورتيون. قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته غيرقانوني طور هٽايل ليڊي هيلٿ سپروائيزر نوربانو ملاح سميت سمورين ورڪرز کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ۽ پوليو ورڪرز کي فوري سيڪيورٽي ڏني وڃي. قراردادن ۾ چيو ويو آهي ته بار ايسوسيئيشن پوليو مهم دوران ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ضلعي جي انتظاميا طرفان ڪيل من ماني ۽ غير قانوني آمرانه قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، جن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ، خوفزده ڪرڻ ۽ مناسب سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ شامل آهي. هن معاملي جي فوري جاچ ڪرائي وڃي، متاثر ٿيل سمورين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي بحال ڪيو وڃي