ڪجهه ماڻهو مون کي فاطمه کان الڳ ڪرڻ چاهين ٿا:جونيئر ذوالفقار

سجاول(رپورٽ:منظور احمد ميمڻ  ) پ ش ڀ جي چئيرمين شھيد مير مرتضي جي ويجهي ساٿي، همت، بهادري ۽ جدوجهد  جي علمبردار پيپلز پارٽي (ش ڀ) جي مرڪزي اڳواڻ يونس ڀان جي چوٿين ورسي پريس ڪلب سجاول اڳيان ملهائي وئي۔ تقريب ۾ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر خصوصي طور شرڪت ڪئي تقريب ۾ پارٽي جي مک اڳواڻن سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي تقريب کي ذوالفقار عل ڀٽو جونيئر خطاب ڪندي چيو استاد يونس ڀان منهنجي والد جو ويجهو وفادار ساٿي هو پارٽي جو مک عهديدار هو ان جو فرزند به اسان سان گڏ آهي،هن چيو ته توهان سڀني کي ڏسي مونکي خوشي ٿي آهي نوجوان بزرگن هارين جا چهرا ڏسي رهيو آهيان هي سنڌ جا ماڻهو آهن هي سنڌ جي عوام آهي زرداري ليگ پيپلز پارٽي نه آهي اصل پيپلز پارٽي عوام آهي ،هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن آئون ڏسندو آهيان اسان جا نوجوان ڏک ۾ ورتل آهن توهان ڇو ڏکويل ۽ غمگين آهيون،حڪمران پاڻ پنهنجا ئي دشمن آهن، اسان هن موجوده نظام مان تنگ آهيون شهيد ڀٽو سڀني مسلم ملڪن کي لاهور ۾ گڏ ڪيو ته هو اسرائيل تي حملو ڪري سگهي هاڻي افسوس هي چون ٿا ته اسان اسرائيل کي تسليم ڪريون اسان چئون ٿا اسرائيل نامنظور اسان فلسطين جي عوام سان آخري ساه تائين گڏ هونداسين،هن چيو ته  27 ترميم پيش ڪري هنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين کي تباهه ڪيو،آئون ۽ منهنجي ڀيڻ فاطمه گڏ آهيون ڪجهه ماڻهو اسان ٻنهي کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن گل پلازا سانحي تي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي تقريب ۾ ٽيم ذوالفقار جونيئر ڀٽو جي آرگنائيزرن عنايت عمراڻي دلمراد جتوئي قادر ميمڻ اسحاق ڪوريجو مير مرتضا يونس ڀان شاهمير يونس ڀان ۽ لالا ياسر ڀان سميت شهري پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.