اسلام آباد (عاصما شيرازي) هڪ پاسي ٽرمپ چوي ٿو ته حماس کي هٿيار ڇڏڻا پوندا، حزب الله کي به قدم کڻڻا پوندا، عالمي سڪيورٽي فورس جو مقصد حماس ۽ حزب الله جو خاتمو هوندو ٻئي پاسي اسحاق ڊار چيو هو ته پاڪستان زبردستي امن ڪرائڻ يا ڪنهن تنظيم کان هٿيار ڇڏائڻ جي ڪردار ۾ شامل نه ٿيندو. پر هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ ڊووس ۾ فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم موجود آهن. پاڪستان جي هن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض ۽ سوال اٿي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته مسلمان امت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙي بورڊ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ تڪرار جي اصل پاڙ شامل آهي پر فلسطينين کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. جن هزارين فلسطينين کي قتل ڪيو اهي بورڊ جو حصو آهن، اهو ڪهڙو امن آهي؟ پاڪستان کي حماس کي هٿيار ڇڏائڻ واري ڪنهن مهم جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب اڳتي وڌڻ گهرجي. اهڙي ريت مصطفيٰ نواز کوکر هن بورڊ کي ٽرمپ جو ذاتي ڪلب قرار ڏنو ۽ سوال اٿاريو ته ڇا هي ڪلب اسرئايل نواز ۽ ايران مخالف هوندو؟ ڇا ان جو مقصد گڏيل قومن کي باءِ پاس ڪرڻ آهي؟ ائين آهي ته پاڪستان جو هن ڪلب ۾ ڪهڙو ڪم هوندو جيڪو نسل ڪشي ڪندڙ اسرائيل جي حق ۾ هجي. ڇا ٽرمپ غير جانبداراڻو ڪردار ادا ڪندو؟ اڳوڻي سفير مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان اهڙي تنظيم ۾ شامل ٿيو آهي جنهن کي ٽرمپ گڏيل قومن جي متبادل طور پيش ڪري رهيو آهي ۽ جيڪا سندس صدارت کانسواءِ برقرار نه رهي سگهندي. هي ننڍي مدي وارو ادارو آهي ۽ سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ کي خوش ڪرڻ اصولن جي پاسداري کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي؟ سينيٽر رضا رباني اعتراض ڪيو ته پاڪستان کي پارلياماني بحث کانسواءِ ان جو حصو نه بڻجڻ گهبو هو. هي هڪ تڪراري تنظيم آهي جيڪا گڏيل قومن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، اهڙا فيصلا قومي بحث سان ٿيڻ گهرجن. حڪومتي ذريعن جو موقف آهي ته پاڪستان ان فيصلي کي پنهنجي وڏي سفارتي ڪاميابي سمجهي ٿو ۽ ان جو پاڪستان غزا مسئلي جو حل ۽ آزاد فلسطيني رياست چاهي ٿو ان لاءِ ان جو حصو بڻيو آهي. عسڪري ڌريون به چئي رهيون آهن ته هن وقت دنيا بلاڪن ۾ ورهائجي رهي آهي پاڪستان کي ڪنهن هڪ بلاڪ جو حصو بڻجڻ کان بچڻو آهي، ان لاءِ آمريڪا، چين ۽ روس سان لاڳاپا برقرار رکڻ مفاد ۾ آهي. پر سوال اهو آهي ته آءِ ايس ايف جو حصو بڻجڻ سان ڪردار ڪهڙو هوندو؟ اهو معاملو حساس ۽ تڪراري بڻجي چڪو آهي اهو پاڪستان لاءِ وڏو امتحان آهي ته هو پنهنجي اصولن، خودمختياري ۽ قومي مفادن کي سامهون رکندي ڪيئن اڳتي وڌندو؟ اميد آهي ته سڀني سوالن جا جواب ايندا نه ته بي چيني ۽ سياسي ڳڻتي وڌڻ جو امڪان آهي.