ميهڙ (ن ع آ) ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گاجي کهاوڙ روڊ تي ھٿياربندن جي ھوٽل تي پورهيو ڪري واپس ڳوٺ ويندڙ موٽرسائيڪل سوار ٽن نوجوانن مٿان فائرنگ، ھڪ نوجوان شاهد ڀنڊ قتل ٿي ويو،ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ تعقلي اسپتال ميھڙ ۾ مقتول پوريهت ۽ زخمين جي وارثن مقتول نوجوان جي ڀاءُ اربيلو ڀنڊ ، روشن ڀنڊ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ميھڙ ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪري ڳوٺ سوجھرو ڀنڊ اچي رھيا ھئا ته ھٿياربندن گاجي کھاوڙ روڊ راڄواهه موري وٽ روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي گوليون ھنيون جنھن سبب ھڪ نوجوان شاهد ڀنڊ مارجي ويو، ٻه ڄڻا راشد ۽ رابيل ڀنڊ زخمي ٿي پيا آهن، اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني نه آھي ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي جڏھن ته واقعي کي ھڪ ڪلاڪ گذري ويو آھي پر پوليس ھن وقت تائين نه پھتي، ميھڙ پوليس ون فائيو انچارج موجب شروعاتي اطلاع آهن واقعو دشمني تحت ٻڌايو پيو وڃي، مالڪ ڦر جو چئي رھيا آھن، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ٻئي طرف واقعي جي اطلاع بعد وڏي تعداد ۾ ڀنڊ برادري جا ماڻھو ۽ شھري اتحاد ميھڙ جو چيئرمين نياز علي ٻرڙو ۽ ٻيا تعلقي اسپتال ميھڙ پھتا وارثن ۽ شھرين پاران واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو، شھري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو چيو ته ھي افسوس ناڪ واقعو ٿيو آھي غريب مزدوري ڪري واپس ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته ڦر دوران ھٿياربندن گوليون ھڻي ھڪ کي قتل ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ھنن چيو ته زخمين کي ايمبولينس به نه ڏئي وئي آھي ھو پرائويٽ گاڏين تي اسپتال کڻي ويا آھن، پوليس موقعي تي نه پھتي پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ۽ منٿلي اوڳاڙڻ ۾ رڌل آھي.