اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اها ذميواري سياستدانن تي اچي ٿي جن 18هين ترميم پاس ڪرائي هئي ۽ ان ۾ جيڪو طئي ٿيو هو پر زمين تي ان تي عمل نه ٿيو،ان ترميم ۾ سڀ کان وڏو نعرو اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي هئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالههيون ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ اندر يا ٻاهر منهنجو ڪو ساٿي ٻڌائي ته اختيارن جي منتقلي ڪٿي ٿي؟ڊولوشن جو مطلب اهو آهي ته ڪراچي،لاهور،ڪوئيٽا،پشاور ۾ اقتدار گراس روٽ سطح تي منتقل ٿئي،اختيار وفاق کان صوبن ۾ منتقل ٿي ويا،سئو سيڪڙو ته پوءِ به نه ٿيا پر منتقل ٿيا،پر اڳتي مڪاني حڪومت کي اهي اختيار منتقل نه ڪيا ويا بلڪه لوڪل گورنمينٽ جون ڪيئي ڪيئي سال چونڊون به نه ڪرايون ويون،هن چيو ته توهان ايران کي ڏسو،ايران عراق سان جنگ دوران به پنهنجون چونڊون جاري رکيون،احمد نجاد ۽ هاشمي رفسنجاني تهران جا ميئر رهيا،ترڪي جو موجوده صدر طيب اردگان استنبول جو ميئر رهيو پر اسان سياستدانن اهي دروازا بند ڪيا ۽ ڪاموراشاهي هٿان يرغمال بڻجي وياسين،هن چيو ته تعليم، صحت، سينيٽيشن، ٽيڪسن جو نظام جيڪو هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ گهرجي ها اهي سڀ اختيار اڄ به ڪاموراشاهي وٽ آهن، هن چيو ته توهان سڄي ملڪ جي سروي ڪرايو، ڇا ڪنهن عوامي نمائندي وٽ ڪو اختيار آهي؟ ڪو به پاور ناهي،ا هو عمل اسان پاڻ ڪيو آهي، ڪو زبردستي نه کڻي ويو آهي، اسان پاور راڄڌاني ۽ صوبائي راڄڌاني ۾ رکڻ چاهيون ٿا،سياستدانن پنهنجي مرضي سان اهي اختيار پاڻ وٽ رکيا آهن،اسان جيڪڏهن اهي اختيار مڪاني حڪومتن کي منتقل ڪريون ته سياسي طور اسان کي مضبوطي ملندي،سسٽم ۽ صوبن کي مضبوطي ملندي،ارڙهين ترميم تي عمل ڪرڻ سان صوبائيت جي ٽرينڊز کي پاڻ ئي موت ملي ويندي،ماڻهو لاڙڪاڻي،سيالڪوٽ،گوادر،مردان جي گهٽين ۾ بااختيار ٿيندا،ماڻهن کي بااختيار ٿيڻ ڏيو،هن چيو ته اهي اختيار 25 ڪروڙ عوام جي امانت آهن،اسان وٽ ڪاموراشاهي تمام گهڻي طاقتور آهي،مون ارڙهين ترميم کي ان ڪري ڍونگ قرار ڏنو آهي،ان معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرايو وڃي ته ڪهڙو اختيار منتقل ٿيو آهي،اسان ته لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن نٿا ڪرايون،مون کي ڪنهن جي ناراض ٿيڻ جي پرواهه ناهي،آءِن تي عمل جي ڳالهه ڪريان پيو،هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن وقت تي ڪرائڻ سان توهان جي نئين قيادت سامهون ايندي،ماڻهو اعتماد ڪندا ته کين سسٽم مان نيڪالي ناهي ملي،اسان سياستدانن جو اهو بيانيو هئڻ گهرجي ته بلدياتي نمائندن کي بااختيار بڻايو وڃي،هن چيو ته مان ن ليگ،پ پ يا ڪنهن ٻي پارٽي لاءِ ان کي سياسي اشو نه پيو بڻايان،مون ارڙهين ترميم کي ڍڪوسلو ڪوٺيو،ان لفظ جو مطلب ته جيڪا اصليت هوندي آهي اها پيش نٿي ڪئي وڃي،ارڙهين ترميم جي روح تي عمل نه ٿيو،مان اهو سمجههان ٿو ته ارڙهين ترميم مرده شيڪ آهي،ٻيو ته ملڪ ۾ هڪ تعليمي نصاب هئڻ گهرجي،اسان انهن شين کان ڊنل ڇو آهيون؟هوڏانهن هڪ ٽوئيٽ ۾ خواجا آصف چيو ته بلدياتي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين حڪومت کي عام ماڻهوءَ جي چائنٺ تي آڻي رهيا آهيون،25ڪروڙ عوام کي ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور جون حڪومتون عام ماڻهوءَ کي لوڪل گورنمينٽ جي ذريعي مهيا ٿينديون،هن چيو ته ارڙهين ترميم باوجود، اهو نظام فعال نه بڻجي سگهيو، خلوص جي کوٽ رهي۔ عوام نوڪر شاهه تي دارومدار رکڻ بدران، پنهنجي ووٽ سان بااختيار نمائندا ۽ ادارا چونڊي سگهندا، ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجو ڪم نه ڪن ته عوام انهن جي گريبان تائين پهچي سگهندو۔پاڻي جي مُهياي،فائر بريگيڊ،صفائي،ابتدائي تعليمي ادارا،صحت،پاڻي جي نيڪاسي،حددخليون ،لوڪل رستا سڀ لوڪل گورنمينٽ عام ماڻهو کي مُهيا ڪندي،لوڪل گورنمينٽ پنهنجو ٽيڪس نظام به ترتيب ڏيندي، ۽ دنيا ۾ اهڙا بي شمار مثال موجود آهن، جتي عدالت ۽ پوليس جا ڪجهه اختيار به لوڪل حڪومتن وٽ آهن۔