حڪومت ڇهن مهينن دوران 1254 ارب رپيا ٻاهريون قرض ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت 6 مهينن ۾ 1,254 ارب رپين جو ٻاهريون قرض ورتو. دستاويز موجب، حاصل ڪيل قرض29 سيڪڙو هو، يا گذريل سال کان 280 ارب رپيا وڌيڪ هو. پاڪستان کي جولاءِ کان ڊسمبر تائين 17.67 ارب رپين جي گرانٽ پڻ ملي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين ڪل ٻاهرين مالي امداد 1,272 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان کي 6 مهينن ۾ آمريڪي ڪرنسي ۾ 4.5 ارب ڊالر مليا، جيڪي گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي کان ڊالر جي لحاظ کان 904 ملين ڊالر وڌيڪ آهن.دستاويز موجب، گذريل مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 3.6 ارب ڊالر مليا. ان عرصي دوران پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض مليو آهي. 6 مهينن ۾، نان پروجيڪٽ امداد 785 ارب رپيا، پراجيڪٽ امداد 487 ارب رپيا، جڏهن ته بجيٽ سپورٽ لاءِ 458 ارب رپيا مليا. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي 170 ارب رپين جي تيل جي سهولت فراهم ڪئي، اسلامي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 137 ارب رپين جو قرض ڏنو، ۽ پاڪستان کي منصوبي جي امداد ۾ 487 ارب رپيا مليا.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جو هدف ٻاهرين ملڪن کان 4,507 ارب رپيا قرض وٺڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.