ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس مندر مان مورتيون، چاندي ۽ نقدي چوري ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان صدر واري علائقيمان پڪڙيو ويو، جڏهن ته جوابدار وٽان چوري ٿيل سامان به برآمد ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته ڊولي ڪهاتا پير ٽول مندر ۾ 14 جنوري تي واردات ٿي هئي، جتي ٻه جوابدارن 5 مورتيون، پتل ۽ ٽامي جا ٿانو ۽ زيورات جا دٻا چوري ڪيا هئا، مندر جي چندي واري باڪس 75 هزار رپيا به غائب هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو هڪ ساٿي فرار آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي.