گل پلازا واقعي بلاول جي بريفنگ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو:حافظ نصرالله چنا

ڪراچي/ڪنڌڪوٽ(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آهي ته ڪو به ملڪ يا سماج آئين ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. ڪيلاش ڪولهي، نادر جمالي کان ويندي ڪنڊيارو ۾ ڌاڙيلن ھٿان ٿر واسي نوجوان راشد جو وحشياڻو قتل توڙي جيڪب آباد ضلعي ۾ پوليس اهلڪارن جي حراست ۾ هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي جو دردناڪ واقعو سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ درندگي جي بدترين مثال آهن. پوري سنڌ مقتل گاھ بڻجي وئي آھي. اھڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڪشمور جي نئين چونڊيل صدر آفتاب احمد چنا کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گل پلازا ۾ قيمتي جانين ۽ ملڪيت جي نقصان تي هر پاڪستاني ڏکارو آهي ۽ ڪو به معاوضي جي رقم انساني جان جي جاءِ نٿي وٺي سگهي. هن سانحي ۾ حڪومتي لاپرواهي، ڪرپشن ۽ انتظامي نااهلي واضح طور تي نظر اچي ٿي. هن واقعي ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران پيش ڪيل سترهن سالن جي ڪارڪردگي تي پاڻي ھاري ڇڏيو آهي.#

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.