ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سانحي کان 4 ڏينهن پوءِ گل پلازا جون 7 فائلون ڪمشنر ڪراچي کي پيش ڪريڇڏيون، ڪراچي ۾ ڇنڇر واري ڏهاڙي پيش آيل سانحي گل پلازا کان پوءِ جاچ ۾ تيزي اچي وئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سانحي کان چار ڏينهن پوءِ گل پلازا بابت مڪمل رڪارڊ ڪمشنر ڪراچي کي جمع ڪرائي ڇڏيو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪمشنر ڪراچي کي گل پلازه بابت 7 فائلون پيش ڪيون آهن، جن مان 3 فائلون گل پلازا سان لاڳاپيل عدالتن ۾ زير التوا ڪيسن جون آهن، ايس بي سي اي موجب گل پلازا جي عمارت بابت 1992، 2015 ۽ 2021 ۾ عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن جو مڪمل رڪارڊ فائلن ۾ شامل آهي. جمع ڪرايل دستاويزن ۾ ضابطن خلاف تعمير بابت ڪاغذ، ريوائزڊ پروپوزڊ بلڊنگ پلان ۽ ريگولرائيزيشن پلان جون فائلون به شامل آهن، ڪراچي ڊويزن گل پلازه جون اصل فائلون ايڊيشل ڪمشنر جي آفيس حوالي ڪيون آهن، اصل فائلون پلاٽ نمبر 32، پي آر ون پريڊي ڪوارٽرز، ضلعي سائوٿ ۾ جمع ڪرايون ويون، فائلن ۾ عدالتي ڪيس، ضابطن خلاف تعمير، رپورٽ ۽ ريگولرائيزيشن پلان شامل آهن، ڪيس فائل سي پي نمبر 4138/2015 ۾ 86 صفحا ۽ نوٽنگ شامل آهي، جڏهن ته عدالتي ڪيس فائل سي پي نمبر 971/2021 ۾ 50 صفحن تي ٻڌل رڪارڊ موجود آهي. ساڳي طرح فائنل ڪيس سي پي نمبر 1081/92 ۾ 16 صفحا ۽ نوٽنگ شامل ڪئي وئي، ضابطن خلاف تعمير واري فائل ۾ 6 صفحن جي خط و ڪتابت شامل آهي، ريوائزڊ پروپوزڊ بلڊنگ پلان فائل ۾ 57 صفحا ۽ 6 صفحن جي نوٽنگ موجود آهي. رپورٽ فائل 135 صفحن ۽ 7 صفحن جي نوٽنگ تي مشتمل آهي، جڏهن ته ريگولرائيزيشن فائل ۾ 41 صفحا ۽ 7 صفحن جي نوٽنگ شامل ڪئي وئي آهي.