ڪراچي(پ ر)ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن چيو آهي ته آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي طرفان، اسان گل پلازا ۾ باھ لڳڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي ۾ جاني نقصان تي ڪراچي جي عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان هن سانحي ۾ زندگين جي ضياع تي گھري ڏُک ۾ برابر جا ڀائيوار آهيون،هن چيو ته اسان امدادي عملي جي همت، بهادري ۽ فرض شناسي کي ساراهيون ٿا جن ڏکين حالتن ۾ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. ان سان گڏ، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ اڃا تائين لاپتا ماڻهن جي محفوظ واپسي لاءِ پڻ دعاڳو آهيون،هن چيو ته هن ڏکي مهل ۾ اسان جون همدرديون سوڳوار خاندانن ۽ هن سانحي ۾ متاثر ٿيندڙ سڀني ماڻهن سان گڏ آهيون. آمريڪي رياست پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، جنهن وقت هيءَ شهر سوڳ ملهائڻ سان گڏ بحالي جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچاءُ لاءِ ڪوششون به ڪري رهيو آهي.