حيدر آباد( پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاهه ڀاڏائي، غفارميرجت، پنھل جمالي، \رمضان ماڇي، اياز سولنگي، ڪمال مھر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سن ۾ سياسي جلسن جو گهيراءُ. گرفتاريون ۽ فڪري سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل پارٽين جي قيادتن تي ايف آءِ آرون قابل مذمت آهن جلسا ڪريون ته ايف آئي آرون،گهرن تي ميٽگون ڪريون ته ايف آءِ آرون روڊن تي پرامن طور نڪري عوام جي حقن جي ڳالهه ڪريون ته ايف آءِ آرون سنڌ ۾ هي جمهوريت جي نالي تي مارشلائي راڄ آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته اهي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن جن گل پلاه ۾ 100کان مٿي انسانن کي ساڙيو آهي ڪرپشن جي بازار گرم آهي