متحده کان ڪراچي نڪري وئي، هو بلديا سانحو ياد ڪري\قادر پٽيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي عبدالقادر پٽيل ايم ڪيو ايم کي چيو آهي ته توهان ڪراچي جا دعويدار نه بڻجو، غلطي توهان جي آهي، عمارت توهان ٺاهي. متحده باني جي گارڊ  گل پلازا جا طبقا زوري وڌرايا . قومي اسيمبلي اجلاس دوران فاروق ستار طرفان سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ نون صوبن جي مطالبي تي عبدالقادر پٽيل چيو ته توهان پاڻاعتراف ڪيو ته اسان مهاجر قوم کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سانحن ۽ حادثن جو ذڪر توهان ڪيو پر دَر تي زنجير لڳائي 360 ماڻهو ماريا ويا، ڪنهن کي مدد نه ڪرڻ ڏني وئي، بلديا سانحي جو ذڪر ڇو نٿا ڪيو؟ سندس چوڻ هو ته هاڻ ڪراچي توهان جي هٿ ۾ ناهي، توهان ڪراچي جا دعويدار نه بڻجو، هاڻ ڪراچي اسان جي هٿ ۾ آهي، اسان وٽ جادوئي لٺ ناهي. عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) هميشه پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ۾ رهي آهي. جڏهن به ذميواري پيپلز پارٽي تي ايندي آهي ته اها ايم ڪيو ايم تي به ايندي آهي. ڪالهه ارشد ووهرا فائر برگيڊ جي تعريف ڪئي ۽ اڄ امين الحق ان تي تنقيد ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.