اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته اندروني سيڪيورٽي لاءِ مضبوط ۽ عوام دوست پوليس ضروري آهي، امن امان قائم ڪرڻ پوليس جي مقدس امانت آهي، هٿياربند فوج هميشه پاڪستان پوليس سان گڏ بيٺي رهندي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. دوري دوران وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو مملڪتي وزير پڻ موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جو شاندار استقبال ڪيو ويو. فيلڊ مارشل عاصم منير کي هڪ وقف پوليس دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. فيلڊ مارشل پوليس شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ پوليس شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.فيلڊ مارشل دهشتگردي، ڏوهن ۽ سيڪيورٽي چئلينجن خلاف جنگ ۾ پوليس اهلڪارن جي قربانين جي تعريف ڪئي. فيلڊ مارشل آءِ جيز، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ اعليٰ آفيسرن کي خطاب ڪيو. فيلڊ مارشل بين ايجنسي تعاون ۽ جديد پوليسنگ جي اهميت تي زور ڏنو. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوجون هميشه پاڪستان پوليس سان گڏ بيٺيون رهنديون.