هي واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ، لرزائيندڙ ۽ ضمير کي جهوريندڙ آهي. هيءَ ڪا عام خبر ناهي، پر سماج، قانون ۽ رياستي ادارن تي هڪ سخت سوال آهي. ڇاڇرو ڀرسان چمون جي ڍاڻي ۾ نوجوان ناري رنگو ٻائي ڀيل سان جيڪو ٿيو،اهو صرف هڪ فرد سان ظلم نه،پر سموري انسانيت جي تذليل آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور تي هنجو ڀيل ۽ خانو ڀيل نالي ٻن جوابدارن ناري رنگو کي اغوا ڪري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو،عزت لٽجڻ کان پوءِ جڏهن متاثر نياڻي کي انصاف بدران خاموشي،لاپرواهي ۽ ڌمڪيون مليون،تڏهن هوءَ ذهني ۽ جسماني اذيت برداشت نه ڪري سگهي،
قانون جي پڪڙ ۾ جوابدار نه اچڻ، پوليس جي بي حسي ۽ وارثن جي دانهن جو ٻڌندڙ ڪو نه هجڻ سبب ناري انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن بعد هوءَ سور سهي، درد ڀوڳي، نيٺ پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي وئي. جيئري ته هن نياڻي سان انصاف نه ٿيو، پر موت کان پوءِ به هن سان بي حسيءَ جو سلسلو ختم نه ٿيو. سندس لاش اٺ ڪلاڪن تائين ڇاڇري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل رهيو. وارثن جي احتجاج کان پوءِ وڃي پوسٽ مارٽم جو عمل شروع ڪيو ويو
ڇاڇري ۽ ڏاهلي ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي. اهڙي لاچاري ۽ نااهليءَ سبب اهڙا دل ڏاريندڙ واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. ٻڌايو پيو وڃي ته معاملي کي پوليس لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وقت سر ايڪشن وٺڻ بدران تماشو ڏسندي رهي. متاثر خاندان کي جوابدار ڌر پاران لڳاتار ڌمڪيون ملنديون رهيون، نياڻي کي بچائڻ لاءِ وارث دربدر ٿيندا رهيا، پر قانون ۽ رياست خاموش تماشائي بڻيل رهي. آخرڪار، هڪ معصوم نياڻي پنهنجي زندگي قربان ڪري وئي، هيءَ ڪهڙي رياست آهي؟ هي ڪهڙو قانون آهي؟ ۽ هي ڪهڙي سماج جي عڪاسي آهي، جتي مظلوم کي مرڻ کان پوءِ به عزت نٿي ملي؟ اهڙي ستم ظريفي، اهڙي بي حسي ۽ اهڙي ناانصافي تي رڳو افسوس ڪافي ناهي. جيڪڏهن اڄ به ذميوار ادارا جاڳي نه اٿيا، ته سڀاڻي اهڙا لاش اسان سڀني جي ضمير تي سوال بڻجي پوندا،
ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا طور تي هنجو ڀيل ۽ خانو ڀيل نالي ٻن جوابدارن ناري رنگو کي اغوا ڪري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو،عزت لٽجڻ کان پوءِ جڏهن متاثر نياڻي کي انصاف بدران خاموشي،لاپرواهي ۽ ڌمڪيون مليون،تڏهن هوءَ ذهني ۽ جسماني اذيت برداشت نه ڪري سگهي، قانون جي پڪڙ ۾ جوابدار نه اچڻ، پوليس جي بي حسي ۽ وارثن جي دانهن جو ٻڌندڙ ڪو نه هجڻ سبب ناري انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن بعد هوءَ سور سهي، درد ڀوڳي، نيٺ پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي وئي. جيئري ته هن نياڻي سان انصاف نه ٿيو، پر موت کان پوءِ به هن سان بي حسيءَ جو سلسلو ختم نه ٿيو. سندس لاش اٺ ڪلاڪن تائين ڇاڇري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پيل رهيو. وارثن جي احتجاج کان پوءِ وڃي پوسٽ مارٽم جو عمل شروع ڪيو ويو