ھونئن ته سڄي سنڌ سونھاري سورن ۾ آهي ڪنھن کي ڪھڙا ته وري ڪنھن کي ڪھڙا سور آهن.پر حقيقت ۾ بدامني جو سور سڄي سنڌ سان سمايل آهي ، ھر ماڻھو بدامني جو شڪار بڻيل نظر اچي ٿو ، ماضي ۾ اتر سنڌ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ، شڪارپور ، گھوٽڪي ، جھڙن ضلعن ۾ بدامني جا وڏا واقعا ٿيندا هئا يا ٿي رھيا آھن. پر ھاڻي ته بدامني جي باھ آھستي آھستي سڄي سنڌ ۾ سمائجي وئي آھي ، ڪو شھر ڪا واھڻ وستي بدامني کان خالي نه آهي ھڪ اھڙو دؤر ھو جو بدامني صرف اتر سنڌ تائين محدود ھئي پر افسوس ته ھاڻي اِھڙو دؤر اچي ويو آهي جو بدامني ھر جڳھه تي با آساني سان پھچي وئي آھي، خاص ڪري منھنجو امن پسند شھر سڪرنڊ به گذريل ڪجهه مھينن کان بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي.
سڪرنڊ اُھو شھر آھي جنھن کي سنڌ جي دل سمجھيو ويندو آھي ، جيڪو ھميشه امن پسند، انسان دوست، اديب دانشورن، جو شھر سمجھيو ويندو آھي ، ھِن شھر جي ماڻھن ھميشه امن سلامتي سان گڏ ھر انتهاپسندي فرقيواريت ، ذات پرستي کي رد ڪري امن ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي ، ماضي ۾ ھِن ساڳئي شھر سڪرنڊ ۾ امن ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ وڏا ميڙاڪا،ريليون نڪرنديون هيون ته شل سنڌ سلامت رهي پر افسوس ته اُن ساڳئي سڪيلڌي سڪرنڊ شھر کي الائي ڪنھن جي نظر لڳي وئي آھي ، ھاڻي اُھو ساڳيو سڪرنڊ بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي جيڪي واقعا ڪشمور،ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۾ ٿيندا هئا ، ھاڻي اُھي واقعا روزاني جي بنياد تي سڪرنڊ شھر ۾ ٿي رھيا آھن.
خاص ڪري ويجهي ماضي ۾ سڪرنڊ اندر چوريون ، ڦرلٽ، ڌاڙا ، اغوا جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ، جيئن سڄي سنڌ اقليت لاءِ عذاب بڻيل ھئي ھاڻي سڪرنڊ شهر به اقليت لاءِ عذاب بڻيل آهي، ڪجهه مھينا پھرين اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ستن سالن جي ھِيرن جھڙي ھير باگڙي وچ شھر سڪرنڊ مان اغوا ٿي وئي سڪرنڊ شھر سراپا احتجاج بڻجي ويو ، پر افسوس ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ھير جو چچريل لاش مليو ۽ سڪرنڊ پوليس بغير جاچ جي بس شڪ جي بنياد تي سندس ئي برادري جي نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي فل فراءِ ڪري پنھنجي واھ واھ ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي، جنھن واقعي جا سڪرنڊ واسين کي سور ئي نه وسري سگھيا ھئا ته وري سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جو نوجوان راھول جنڊوڙو اغوا ٿي ويو ، جنھن واقعي تي سڄو سڪرنڊ سراپا احتجاج بڻجي ويو خاص ڪري سنڌ جو مشهور شاعر مھر ڊٻائي به احتجاج جي اڳواڻي توڙي نوجوان جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل ھو پر افسوس ته سڪرنڊ وارن جي بدنصيبي ته راھول نوجوان جو 12 ڏينھن کان پوءِ مُنڍ جمڙائو ڪئنال شھداد پور ويجھو لاش هٿ آيو جنھن جي سڃاڻپ سڪرنڊ واسي راھول جنڊوڙو طور ٿي لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ھر طرف اک آلي بڻجي وئي ، سندس قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ھڪ دفعو ٻيھر سڄو سڪرنڊ سراپا احتجاج بڻيل نظر اچي رهيو آهي
ھِن واقعي کي 25 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود سندس قاتل پوليس جي پھچ کان پري نظر اچي رھيا آھن شايد غريب مسڪين ماڻهو آھي يا اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ آهي ، جنھن جي ڪري سڪرنڊ پوليس سندس قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي ، جڏھن ته ڪجهه مھينا پھرين سڪرنڊ شھر ۾ ڪنھن چونڊيل نمائندي جي چوڪيدار جا قاتل ڪجهه ڪلاڪن ۾ گرفتار ٿي ويا هئا شايد ھتي به ائين آهي ته تحفظ صرف وڏن ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن لاءِ آھي باقي غريب مسڪين ماڻهو اھڙي سھولت کان محروم بڻيل آهن. ھن واقعي جا اڃا جوابدار گرفتار ئي نه ٿيا آهن ته مٿان وري اوچتو پھرين ڪلاس جو شاگرد 6 سالن جو چار ميل واسي فدا نوناري سڪرنڊ اسڪول وڃڻ کان پوءِ ائين گم ٿي ويو ھو جيئن سڪرنڊ مان امن امان گم ٿي ويو آهي ، خير پوليس ، صحافي ، سول سوسائٽي جي ڏينھن رات ڪوششن سان ننڍڙو ٽن ڏينهن کان پوءِ واپس ٿيو ھڪ ننڍڙي جي واپسي ٿي ھر پاسي خوشي جي لھر ڊوڙي وئي پر افسوس ته ان ڏھاڙي وري ھڪ ٻئي جيجل ماءُ جي جھولي خالي ٿي وئي سڪرنڊ ڀرسان تلي ڪيريو جو رھواسي نوجوان ذوالفقار جمالي سڪرنڊ مان گم ٿي ويو آهي جنھن کي 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪا خبر چار ناھي، سندس مائٽن چوڻ مطابق ته ننڍڙي جي بازيابي لاءِ ڀُنگ طلب ڪرڻ لاءِ ڪال آئي آهي جنھن جو نمبر ٽريس ڪرائڻ کان پوءِ ھالا جي لوڪيشن ٻڌائي پئي وڃي
اھڙي افسوسناڪ واقعي تي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندا صرف بيان بازي تائين محدود نظر اچي رھيا آھن. جنھن کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اقتدار، پاور ،يا وري وڏي منصب تي ھوندي به ويچارا بڻيل آهن سندن ھٿ ۾ ڪجهه نه آهي .