ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پيش ڪيل ”بورڊ آف پيس“ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي.
اماراتي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان آمريڪا طرفان بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بورڊ جي چارٽر موجب رڪن ملڪن جو رڪنيت جو مدو وڌ کان وڌ 3 سال هوندو، جنهن جي تجديد چيئرمين جي منظوري سان مشروط هوندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد چيو آهي ته بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو فيصلو ڊونلڊ ٽرمپ جو غزا لاءِ پيش ڪيل 20 نڪاتي امن منصوبو مڪمل طور لاڳو ڪرڻ جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو فلسطيني عوام جي جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.
You might also like