چيني ريسٽورنٽ تي حملو افسوسناڪ، افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ چيني ريسٽورنٽ تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
هن واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ وڌندڙ بدامني باوجود ترقياتي ڪمن ۾ مصروف چيني شهرين جي حوصلي ۽ جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته چيني شهري سخت خطرن باوجود افغانستان جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت دوحا امن معاهدي تحت ڪيل واعدن جي پاسداري ۾ ناڪام رهي آهي، خاص طور ان عزم تي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي.
آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي محفوظ پناهه گاهون فراهم نه ڪيون وڃن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.